ايران جنگ آمريڪا کي مالي ۽ دفاعي طور ڪنگال ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (م ڊ) ايران سان جاري جنگ آمريڪا جي معيشت ۽ دفاعي ذخيرن کي سخت نقصان پهچايو آهي، جتي جنگ جي لاڳت روزانو هڪ ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ايران سان جاري تڪرار دوران آمريڪا پنهنجي انتهائي مهانگن ۽ اهم دفاعي هٿيارن جو وڏو حصو استعمال ڪري  چڪو آهي، جنهن ڪري واشنگٽن جي مجموعي دفاعي تياريءَ بابت سوال اڀري ويا آهن. رپورٽ موجب، ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جي وڏي استعمال سبب نه رڳو آمريڪا پر ايشيا ۽ يورپ ۾ موجود آمريڪي ذخيرا پڻ متاثر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هن جنگ جي مجموعي لاڳت 28 کان 35 ارب ڊالرن تائين پهچي وئي آهي. مالي بحران جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته آمريڪا جنگي محاذ تي موجود پنهنجي فوجين کي کاڌي جي فراهمي ۾ ڪٽوتي ڪري ڇڏي آهي، جنهن جون تصويرون پڻ جاري ڪيون ويون آهن. دفاعي ماهرن موجب، هٿيارن جي ذخيرن ۾ اها گهٽتائي آمريڪا جي عالمي دفاعي حڪمت عملي لاءِ وڏو چيلنج بڻجي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.