آريجا ۾ هوٽل جي بينچ تي ويهڻ تان جهيڙو، نوجوان قتل، لاش رکي ڌرڻو

خير محمد آريجا (رپورٽ:سيد عطا محمد شاھ) خير محمد آريجا ۾آريجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، چاقن جا وار ڪري هڪ نوجوان قتل، شهر ۾ آريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هوٽل جي بينچ تي ويهڻ تان خادم حسين آريجو ۽ مقتول نوجوان رياض حسين آريجو وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي، خادم حسين آريجو جي ٻن پٽن جوابدارن سعيد آريجو، سجاد آريجو 30 سالن جي نوجوان رياض حسين ولد گلڻ خان آريجو  کي چاڪن ۽ خنجر جا وار ڪري مرڻيگ ڪري ڇڏيو جنهن بعد زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارث لاڙڪاڻي جي ٽراما اسپتال کڻائي ويا جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فوت ٿي ويو، مقتول نوجوان جي وارثن پاران آريجا باءِ پاس مين روڊ تي ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف مظاهرو ڪري هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي واري هنڌ پ پ ضلعي اڳواڻ محمد علي امر ٻگهيو، ٽائون چيئرمين محسن علي آريجو، احمد بخش آريجو، عدنان آريجو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڪيس داخل ٿيڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو، هوڏانهن مقتول نوجوان رياض حسين آريجو جي جنازي نماز خير محمد آريجا جي عيد گاهه ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، نوجوان جي مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، واقعي جو ڪيس يونيورسٽي ايٽ آريجا ٿاڻي تي مقتول نوجوان جي پيءُ غلام نبي عرف گلڻ آريجو جي فرياد تي جوابدارن خادم حسين آريجو، سعيد آريجو ، سجاد آريجو ۽ هڪ اڻڄاتل جوابدار مٿان داخل ڪيو ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.