ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ٺيڙهي واقعي تي ايس ايس پي خيرپور ميرس امير سعود مگسي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته ٽنڊو مستي ۾ روبينا چانڊيو ۽ معصوم ٻارڙي انيسا ڦل جي بي رحماڻي قتل کان وٺي ٺيڙهي واقعي تائين ملوث ماڻهو سماج لاءِ ناسور آهن، اهڙن دل ڏکائيندڙ واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت ۽ قانون جي رٽ قائم ڪئي وڃي ۽ ملوث ماڻهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جيڪڏهن اڳين واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي قرار واقعي سزا ملي ها ته اڄ وري ٻيهر ڪنهن کي اهڙي غلط حرڪت جي جرئت نه ٿئي ها، واقعي ۾ ملوث ٽن ماڻهن جي گرفتاري تي صوبائي امير پوليس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.