مانجهند/ڄامشورو(بابو عمراڻي+راجا انور چانڊيو ) جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪز پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 31 ورسي تي سن ۾ جلسو ڪيو ويو، سيد جي مزار تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري محمد رمضان خاصخيلي، صفدر تنيو، عزيز شيخ،امجد خان مهيسر،مومن سمون، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو،شبير شر جي اڳواڻي ۾ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي، قومي سلامي پيش ڪئي، جلسي کي صنعان قريشي خطاب ڪندي چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سڄي حياتي سنڌ جي بقا لاءِ جدوجهد ڪئي، سيد سنڌ کي پيار ،محبت ،امن ۽ رواداري جو پيغام ڏنو، هن چيو ته وقت جا حڪمران سنڌ جا وسيلا لُٽي رهيا آهن، سنڌ جي وحدانيت خلاف سازشون ڪري رهيا آهن ، حڪمران جي نااهلي سبب سنڌ ۾ لاقانونيت، بدامني ،قبيلائي جهيڙا، مهانگائي ۽ منشيات وڌي وئي آهي، جنهن خلاف 17 مئي تي نوابشاھ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن ريلي ۾ قوم کي شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو، جلسي ۾ قرادادن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي هراسان ڪري قتل ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي، ۽ نياڻين جي قاتلن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن،سيد جي ورسي تي گرفتار ڪيل جسقم جي ڪارڪن ۽ اڳواڻن آزاد ڪيو وڃي،سنڌ مان لاقانونيت ۽ منشيات جو مڪمل خاتمو ڪيو جڏهن ته سيد جي ورسي ۾ رڪاوٽون وجهڻ ۽ جسقم ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف پهرين مئي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.
سائين جي ايم سيد جي ورسي: قومي ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي سن پهتا
ڄامشورو/مانجهند : سن ۾ جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي جيئي سنڌ تحريڪ طرفان جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. جيئي سنڌ تحريڪ جي سوين ڪارڪنن پارٽي چيئرمين سورھيه سنڌي ، قيوم ابڙو، سهيل ڪلوڙ ،امتياز ميراڻي ،باغي راڄپر ،عرفان ڏاهري سنڌ جي بهادر نياڻي آرزو سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيٽارو ٽول پلازا ۽ قاضي احمد پل وٽ پوليس رڪاوٽون ٽوڙي سن پهتا، جتي انڊس هاءِ وي سن پيٽرول پمپ کان 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء جيئي سنڌ تحريڪ طرفان سيد جي مزار جي احاطي ۾ ميڙاڪي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي چيو ته سنڌ جي وجود ۽ سنڌين کي ديوار سان لڳائي خوشحال سنڌ جي ماڻهن کي بک، بدحالي ،بيروزگاري جي ور چاڙهي سنڌين کي خودڪشيون ۽ ٻچا وڪڻڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ ميگا پراجيڪٽ ٺاهي لکين ماڻهن کي آباد ڪري سنڌ اندر جديد اسرائيل ٺاهيو پيو وڃي. هن چيو ته جيئي سنڌ تحريڪ جو جلد مرڪزي اجلاس ڪري سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سمورن سنڌ دشمن رٿائن خلاف منظم ۽ اثرائتي جدوجھد جو اعلان ڪيو ويندو.
سنڌين نيشنل ڪانگريس پاران سيد جي مزار تي حاضري
ڄامشورو/مانجهند: سن ۾ سنڌين نيشنل ڪانگريس طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي جي سلسلي ۾ چيف ارگنائيزر ايڊوڪيٽ محب آزاد ، ڊپٽي آرگنائيزر سارنگ جويو، سهڻي جويو، اعزار لغاري، محسن سولنگي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو، ان موقعي تي ميڊيا سان اڳواڻن چيو ته سيد جي ورسي جي ڏهاڙي تي ڪارڪنن جون گرفتاريون رستا روڪ ڪئي وئي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي.
جيئي سنڌ محاذ(سهتو گروپ) پاران سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش
مانجهند/ڄامشورو: سن م جيئي سنڌ محاذ سهتو گروپ طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي جي موقعي تي چيئرمين محمد آدم ٻٽ سينئر وائيس چيئرمين فيض آباد جوڻيجو جنرل سيڪريٽري غلام نبي ڏاهري ڊپٽي جنرل سيڪريٽري اصغر لنڊ پريس ريحان ڪاغذي جي اڳواڻي م سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر فلسفي ۽ تعليم جي روشني ۾ جدوجهد جاري رکندا سين ملڪ ۾ انتها پسندي بدامني عروج تي پهتل آهي تيل جي قيمتن ۾ هر هفتي اضافي سبب غريب عوام ويلو ماني جو کائڻ لا۽ پريشان آهي،هنن چيو ته سيد جي ڳالهھ تي ملڪ هلي ها ته اهڙا ڏينهن نه اچن ها
جي ايم سيد جي ورسيءَ تي رنڊڪون وجهڻ غير جمهوري آهي: زين شاهه
حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينر سيد زين شاهه چيو آهي ته سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ ۽ سن پهچڻ کان روڪڻ مذمت جوڳو عمل آهي. حيدرآباد مان جاري ڪيل پريس بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته سدائين جيان سائين جي ايم سيد جي ورسيءَ جي موقعي تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران قومپرست ڪارڪنن ۽ پرامن شهرين کي غير ضروري هراسان ڪرڻ، گرفتارين ۽ رنڊڪن جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙيون منظم رنڊڪون هڪ غير جمهوري ذهنيت جي عڪاسي ڪن ٿيون، جيڪي شهرين جي ميڙاڪي ۽ اظهار جي بنيادي حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهن.
سائين جي ايم سيد جي ورسي:ايس يو پي پاران مشعل بردار ريلي
ڄامشورو (رپورٽ:راجا انور چانڊيو) جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي جي سلسلي ۾ ايس يو پي ۽ سيد خاندان طرفان سائين جي ايم سيد جي درياھ واري بنگلي تي صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل منعقد ڪئي وئي محفل کان اڳ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ جي سياسي ۔ سماجي ۔ فلاحي ۔ادبي سرگرمين تي چونڊ انٽريو ۽ تقريرن تي خدا بخش جويو جو مرتب ڪيل ڪتاب "سرها ڏٺا سي ” جي مهورت تقريب ٿي گذري ڪتاب جي مهورت ايس يو پي صدر سيد زين شاھ۔ سيد ڊاڪٽر ضياء شاھ۔ منير شاھ ۽ ٻين ڪئي ۔ تقريب ۾ سنڌ جي مختلف سياسي سماجي اڳواڻن اديب دانشورن ليکڪن شرڪت ڪئي، ڪتاب جي مهورت کانپوءِ صوفياڻي راڳ رنگ جي محفل شروع ڪئي وئي. جنهن ۾ صوفيائي فنڪارن سڄڻ سنڌي، مسرور سولنگي، حنيف لاشاري، برڪت ڀنڊ ۽ ٻين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جڏهن ته رات جو 12 وڳي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ جي صدارت ۾ مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي مزار جي ايم سيد تي پهتي جتي اڳواڻن گلن جي چادر چاڙهي دعائون گهريون ۔ان موقعي تي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته بلدياتي نظام کي مضبوط ڪرڻ جي نالي تي سنڌ جي وجود کي چينليج ڪيو ويو ته اسان ان جي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪنداسون۔
ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي سن پهتا آهن:اسلم خيرپوري
مانجهند/ڄامشورو:سن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر طرفان جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 31 هين ورسي ملهائي وئي چيئرمين اسلم خيرپوري، اسماعيل ناز نوتڪاڻي، عبدالفتاح چنا، اشرف بهيلم ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڪارڪنن جي وڏي تعداد سن انڊس هاءِ وي کان پيادل ريلي ڪڍي سيد جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي قومي ترانو پڙهيو ويو ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي اسلم خيرپوري چيو ته 25 اپريل سيد جي ورسي جو ڏينهن تجديد عهد وفا جو ڏينهن آهي سنڌ ۾ سمورن رستن کي پوليس ذريعي بند ڪري سن پهچڻ تي بندش هنئي وئي آهي ان باوجود ڪارڪنن انهن کي شڪست ڏني آهي سيد جي پرامن سياست جي پيروي تي هلڻ باوجود مقصود خان قريشي سرائي قربان کاوڙ سميت ڪيترن کي شهيد ڪيو ويو جنرل سيڪريٽري عبدالفتاح چنا چيو ته پوليس ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي آمري پل تي رڪاوٽون ڪيون ويون جتان 2 ڪارڪنن ماجد مڱريو ۽ امتياز ماڇي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي
18 سالن ۾ سنڌ جي ڀينگ ڪئي وئي آهي،وسيلن لاءِ تحريڪ هلائينداسين:جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي
مانجهند(ن ع آ+پ ر)جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي پاران رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 31هين ورسي سن ۾ ملهائي وئي. جلسي جي شروعات کان اڳ ۾ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، جسقم شھيد بشير خان جي سربراھ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين شبير احمد جمالي جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھيون ويون. جلسي کي خطاب ڪندي رياض علي چانڊيو چيو ته اسان جي سنڌو درياهه تي ناجائز ڊيم ۽ ڪئنال ٺاھيا ويا آھن جو اڄ زرعي معيشيت ته ختم ٿي وئي آھي ماحوليات مڪمل تباھ ٿي رھي آھي ڊيلٽا ختم ٿي وئي سمنڊ روزانو ايڪڙن جي حساب سان زمين پائيندو ٿو رھي هن چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ صحت جي حالت نازڪ آھي ٻئي کاتا ڪرپشن ۽ لٽ مار جو ذريعو آھن اڄ اسلام آباد ۾ ھي ھائبرڊ سسٽم آھي ان سنڌ سان ڪيئي ڪلور ڪيا آھن،هن چيو ته 18 سالن ۾ ڪرپشن، لٽ مار،زمينن جي تباھي، ادارن جي ڀينگ، منشيات، اقرباپروري، ميرٽ جي لتاڙ، ڌاڙيل گردي ۽ ڪاروڪاري جي ڪڌي رسم جي سرپرستي ڪري اسان جو مستقبل خطري ۾ وڌو ويو آھي هن چيو ته ساحلي پٽي تي انڊسٽريل زون ۽ رھائشي اسڪيمن جي آڙ ۾ ھزارين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آھي ۽ اھڙا آرڊر ڪيا ويا آھن تـ ھي جيڪي زمينون ڪمپنين کي ڏيون ٿا ان جي پڇاڻي جو حق عدالتن کي نـ ھوندو سنڌين جي پيرن ھيٺان سڀ ڪجهھ کسجي پيو اسان اوھان جي قبضاگيري جي ھن سڄي مڪروھ نظام کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪريون ٿا زمينن جو تحفظ سنڌو درياهه، معدنيات ۽ وسيلن جي حفاظت لاء پرامن جھدوجھد جو اعلان ڪريون ٿا. پھرئين مرحلي ۾19 مئي تي جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي پاران ۾مٽياري ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته زمينن جي والار ۽ وسيلن جي ڦرلٽ خلاف جدوجهد جي جيتري ضرورت اڄ آهي، اوتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي،نواز خان زئور چيو ته سائين جي ايم سيد تمام دور انديش اڳواڻ هو، هن خطرن کي ڏٺو پئي. تنهنڪري سنڌين جي ٻڌي ۽ قومي جدوجهد تي زور ڏيندي چيائين ته سنڌي قوم کي پنهنجي قومي وجود ۽ وطن جي بچاءَ لاءِ خود اڳتي اچڻو پوندو. هن چيو ته ڊيمن جي نالي ۾ سنڌو نديءَ تي قبضو ڪيو پيو وڃي. سامونڊي ٻيٽن ۽ بندرن تي وفاق جي نالي ۾ قبضو ڪيو پيو وڃي، شبير احمد جمالي چيو ته سائين جي ايم سيد جي جدوجهد سنڌين لاءِ آهي. موقعي تي آصف بالادي، نواز شاھ ڀاڏائي، محمد علي خشڪ، غفار ميرجت، پنهل ساريو، ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، فراز سنڌي، راول ڪرناڻي، باغي بجاراڻي، انور بڙدي، ڪمال مهر، نذير شيخ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪندي چيو ته .اڄ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 31 ورسي تي پنهنجي رهبر کي سن ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ايندڙ مٿان آمري پل تي ٿيل شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪري جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ مصطفي عمراڻي اڪبر مڪول نويد ڇٽو بابر جمالي سميت گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن کي اگر آزاد نه ڪيو ويو ته 28 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪنداسين