اسلام آباد/تهران (عوامي آواز رپورٽ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان جي دوري کي انتهائي ڪارائتو قرار ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ۽ نيڪ خواهشون قدر جوڳيون آهن. سوشل پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته پاڪستان جو دورو ڪامياب رهيو، جنهن دوران خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان پاران ڪيل ڀائراڻين ڪوششن کي اسان تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته ملاقاتن دوران ايران تي مڙهيل جنگ کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ عملي فريم ورڪ بابت ايراني موقف کان پاڪستاني قيادت کي آگاهه ڪيو ويو آهي. عباس عراقچي آمريڪي رويي تي سوال اٿاريندي چيو ته اڃا اهو ڏسڻو آهي ته ڇا آمريڪا سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪرڻ ۾ واقعي سنجيده آهي يا نه؟ ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي بابت تازي صورتحال ۽ تڪرار کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ بابت ايران جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات دوران ايراني پرڏيهي وزير جنگ بندي جي عمل ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڳالهايو، جنهن تي فيلڊ مارشل چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جون ڪوششون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۾ عباس عراقچي جنگ جي خاتمي لاءِ ايران جي شرطن ۽ سوچ بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڳالهين جو عمل جاري رهندو ۽ خطي ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ سفارتي ڪوششون ڪامياب ٿينديون. ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان 50 منٽن تائين اهم ڳالهه ٻولهه ڪئي. هوڏانهن ايراني سفارتي ذريعن واضح ڪيو آهي ته ايران آمريڪا جا حد کان وڌيڪ ۽ غير منصفاڻا مطالبا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايراني وفد سان ملاقات لاءِ پنهنجي خاص نمائندن اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر جو مقرر ڪيل پاڪستان جو دورو رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي ٽي وي فاڪس نيوز سان ڳالهائيندي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هن وقت ڳالهين جا سمورا ڪارڊ آمريڪا جي هٿن ۾ آهن، تنهنڪري 18 ڪلاڪن جو ڊگهو سفر ڪري پاڪستان وڃڻ جو ڪو فائدو ناهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايراني اختيارين جڏهن وڻي آمريڪي وفد سان ملاقات ڪري سگهن ٿا، پر آمريڪي نمائندن جو هن وقت پاڪستان وڃڻ ضروري ناهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو آهي ته پنهنجي نمائندن جو اسلام آباد دورو رد ڪرڻ جو مطلب اهو صفا ناهي ته ايران سان جنگ وري شروع ٿي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري اي ايف پي موجب، صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن ڪوششن ۾ پيدا ٿيندڙ رنڊڪن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪي وفد جو پاڪستان نه وڃڻ سفارتي سطح تي هڪ قدم پوئتي هٽڻ ته ٿي سگهي ٿو، پر ان کي جنگ جي شروعات نه سمجهيو وڃي.