پني عاقل جي مهر ۽ ڪلهوڙا برادرين جي تڪرار جو نبيرو، 2 ڪروڙ کان مٿي ڏنڊ

خانپورمهر (رپورٽ: ميهرمهر) پنوعاقل جي مهر ۽ ڪلهوڙا برادري وچ ۾هلندڙ پراڻو خوني تڪرار جو نبيرو ٿي ويو، تڪرار جي خاتمي لاءِ جرڳو سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ خانڳڙهه جي گوهر پيلس ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جرڳي ۾ غوث بخش خان مهر، ڪاظم عباسي ،نجف علي ڪماريو ۽ ٻين مشير طور شرڪت ڪئي، جرڳي دوران ٻنهي برادرين مٿان مجموعي طور 2 ڪروڙ 2 لک 75 هزار رپين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جرڳي جي فيصلي موجب ڪلهوڙا برادري مٿان مهر برادري جي ڇوڪري ڀڄائڻ، ٻن ڄڻن جي قتل ۽ زخمين جي مد ۾ 86 لک 75 هزار رپين جو ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته مهر برادري مٿان ڪلهوڙا برادري جي ٻن قتلن، زخمين ۽ عورتن جي اغوا جي الزام هيٺ هڪ ڪروڙ 16 لک رپين جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، فيصلي موجب ٻئي ڌريون ڏنڊ جي رقم گوهر پيلس ۾ هڪٻئي حوالي ڪنديون، جڏهن ته ادائيگي ٽن قسطن ۾ ڪئي ويندي، فيصلي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون، جڏهن ته دعا خير پڻ گھري وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.