صوبن جا اختيار ڪير به نٿو کسي :صوبا مڪاني ادارن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ تيار ناھن:اسد عمر

حيدرآباد ( رپورٽر) ناميارن سياسي اڳواڻن چيو آھي ته پاڪستان جي حيثيت فيڊريشن واري آھي آئيني ترميم ذريعي صوبن کي ٽوڙي نوان انتظامي يونٽ ٺاھيا ويا ته ان عمل خلاف سخت عوامي مزاحمت ٿيندي سنڌ  کي ٻن حصن ۾ ورھائڻ نه ڏينداسين ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾  ھڪ سماجي تنظيم پاران، ھڪ ترميم عوام لاءِ ، جي عنوان ھيٺ ويھڪ ٿي جنھن کي خطاب ڪندي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد زين شاهه چيو ته اختيارن جي ھيٺين سطح جي ورڇ جي نالي ۾ حڪمران رٻڙ اسٽيمپ اسيمبلين ذريعي آئين ۾ ترميم ڪري انتظامي يونٽ ٺاھي نون صوبن جو اعلان ڪرڻ گھرن ٿا ، جيڪڏھن جبر جي بنياد تي ائين ٿيو ته وڏي تباھي ٿيندي سنڌ ان فيصلي کي قبول نه ڪندي ھن واضع ڪيو ته جيڪڏھن ڏاڍ جي بنياد تي سنڌ جي انتظامي ڍانچي ۾ تبديلي آندي وئي ته اسين ان فيصلي خلاف عوام ۾ وينداسين ، ھن چيو ته صوبن کي خودمختيار بڻائڻ گھرجي انتظامي يونٽن جي ڳالھ صوبن کي ٽوڙڻ وارو فارمولو آھي ھن چيو ته وفاق لڳاتار صوبن سان نا انصافي ڪري رھيو آھي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ کي باءِ پاس ڪري ايس آءِ ايف سي ٺاھي وئي ان سان وسيلن تي والار ٿي ۽ 18 ترميم کي پاسائتو رکي فيصلا ڪيا ويا ٫ ھن تاريخ جا حوالا ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ھن فيڊريشن کي وطنن جنم ڏنو آهي ان جو احترام ٿيڻ گهرجي ،سنڌ جي وجود ۽ وحدت سان ھٿ چراند ڪئي وئي ته سموري سنڌ جي ھر ڳوٺ ۾ وينداسين اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر اسد عمر چيو ته ملڪ اندر اسلام آباد ۽ پنڊي جي بند ڪمرن ۾ ٿيندڙ فيصلن کان عوام کي پري رکيو وڃي ٿو انتظامي حوالي سان پاڪستان ۾ مرڪزيت ڪري عوام کي وڏو نقصان ٿيو آھي ھيٺين سطح تي اختيار منتقل ٿيڻ سان ملڪ مضبوط ٿيندو ھن چيو ته آئين ۾ وفاق ۽ صوبن جا اختيار چٽا ٿيل آھن صوبا مڪاني ادارن کي با اختيار بڻائڻ لاءِ تيار ناھن اسين صوبن کان سڀ اختيار واپس وٺڻ جي ڳالھه نه ٿا ڪيون پر اسڪول ،روڊ ۽ رستن جھڙا ڪم مڪاني ادارن جا آھن ، ھن چيو ته پاڪستان جو آئين   به وڌيڪ صوبن ٺاھڻ جي اجازت ڏئي ٿو پر ڪنھن به صوبائي اسيمبلي جي 2 ڀاڱي 3 جي حمايت کانسواءِ صوبو ٺاھي نه ٿو سگھجي سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام جي مرضي کانسواءِ صوبن جي حيثيت ۾ تبديلي ڪئي وئي ته وڏي خون ريزي ٿيندي طاقت کان طاقتور ماڻھو کي به ائين نه ڪرڻ گهرجي ان ڏس ۾ جيڪڏھن عوام پنھنجي مرضيءَ سان ڪي فيصلا ڪرڻ گھري ٿو ته ڪنھن کي ڪھڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته مڪاني نظام ۽ اختيارن جي ھيٺين سطح تائين اختيارن جي ڳالھ پراڻي آھي جنرل ايوب خان  قومن ۽ صوبن جي نفي ڪري مڪاني نظام جي نالي ۾ اختيار ضلعن کي ڏنا ھئا ، اختيار ھيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ وقت اھا ڳالھ ذھن ۾ رکڻ گهرجي ته اسين سنڌي ھڪ قوم آھيون، اسان جو سنڌ وطن آھي ۽ ان جي وحدت ۽ وجود سان سان ھٿ چراند نه قبول ڪئي ھئي سين نه ڪنداسين اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر حسنين مرزا چيو ته چئني صوبن ۾ متحرڪ لوڪل گورنمينٽ نظام اثرائتي نموني لاڳو ناھي ڪيو ويو ، ھن چيو ته بدين ملڪ کي گئس ۽ تيل جو وڏو حصو ڏئي ٿو پر بدين واسين جي گئس جي چلھ اجھايل آھي ،اڳوڻي صوبائي اسيمبلي جي ميمبر عارف مصطفيٰ جتوئي چيو ته ھيٺين سطح تائين اختيارن جي منتقلي جو مقصد اسان جي نظر ۾ عوام کي با اختيار بڻائڻ ۽ سندن بنيادي نوعيت جا مسئلا حل ڪرڻ آھي ھن چيو ته سياستدان عوام کي سک سهولتون ۽ بنيادي نوعيت جا حق ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.