سائين جي ايم سيد جي سبق مثل زندگي

توفيق سومرو

19هين صديءَ تي جڏهن نظر ڦيرائبي ته ان جي ابتدا يعني 1904 ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري ضلعي دادوءَ جي شهر سن ۾ 17 جنوري تي جنم وٺندڙ غلام مرتضي’ شاھ عرف جي ايم سيد جو نالو مکيه مٿين سٽن ۾ نظر ايندو جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن وقت سائين جي ايم سيد جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي زندگي سنڌ جي سڃاڻپ، حقن ۽ خودمختياري لاءِ وقف ڪري ڇڏي. شروعاتي دور ۾ هن پاڪستان جي ٺاهڻ واري  تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر وقت سان گڏ جڏهن هن ڏٺو ته جنهن مقصد لاءِ ملڪ ٺاهيو پئي ويو ان جون واڳون سنڀاليندڙ منافقي جي پاليسي اختيار ڪرڻ لڳا ۽ اهي پنهنجي اصل مقصدن کان هٽي ظلم بربريت استحصالي قوتن جي سبق تي عمل پيرا آهن ته هن بيباڪي سان پنهنجو موقف تبديل ڪيو ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريو.شروعات ۾ ئي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان مان آيلن کي لاهور اسٽيشن تي لهڻ نه ڏنو ويو ۽ ”پاڪستان اگي هي“ جو چئي سنڌ موڪليو. سنڌين سان مسلمان ڀائرن پوءِ جيڪو رويو اختيار ڪيو آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي ان لاءِ هڪ اسيمبلي ميمبر حقيقت بيان ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اصل پاڪستان جي جهلڪ نظر اچي ٿي باقي ته ٻيا صوبا آهن سنڌين ته آيلن جو آڌر ڀاءُ ڪيو پر ان آڌر ڀاءُ جي موٽ ۾ جيڪو ڪجهه سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن سان ٿي رهيو آهي اهو عالم آشڪار آهي

خاص طور تي سيد هن پاڪستان جي وڏي حصي جيڪو بنگلاديش جي روپ ۾ جدا ٿيو ان ملڪ ٺهڻ  کان پوءِ سائين جي ايم سيد حالتن جو گهرو جائزو وٺندي اهو نتيجو ڪڍيو ته سنڌ جي سياسي، معاشي ۽ ثقافتي مسئلن جو حل صرف سنڌ جي خودمختياري ۽ قومي آزاديءَ ۾ آهي. هن پنهنجي جدوجهد کي عدم تشدد جي اصولن سان وابسته رکيو ۽ هميشه شعور، علم ۽ فڪر جي ذريعي تبديلي آڻڻ تي زور ڏنو. ذاتي فائدن ۽ لالچن کي لت هنئي،

سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ سان سچي محبت ڪئي۔ هن نه صرف صاف سٿري اصولن واري سياست ڪئي، پر ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ لکيو ۽ تقريرون ڪيون۔ سنڌ سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن، ته هن کلي سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو۔هن چيو ته تبديلي طاقت سان نه، پر سٺي سوچ ۽ سٺي اخلاق ۽ سٺي ڪردار سان ايندي آهي۔ڪراچي تاج محل هوٽل ۾ سنڌي پورهيت سنگت پاران ڏنل آجياڻي دوران هن رحمت العالمين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن پاران تلقين ڪيل ڳالهين جو مثال ڏيندي  به ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته نبي سهڻي صه به اخلاق ۽ ڪردار کي سٺي ڪرڻ جي ڳالهه تي زور ڏنو آهي

سائين جي ايم سيد هميشه ماڻهن کي سٺو ڪردار، سچائي ۽ انصاف جي واٽ تي هلڻ جي نصيحت ڪئي۔ هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن انسان پنهنجو اخلاق سڌو ڪندو، ته سماج پاڻ بهتر ٿيندو۔

سائين جي ايم سيد پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو قيد ۽ نظر بنديءَ ۾ گذاريو. کيس عوام ۾ حقيقتون ٻڌائڻ لاءِ کيس سنڌ جي دورن تي نڪرڻ کان اڳ ئي رڪاوٽون ۽ سازشون سٽي کيس قيد ڪيو مختلف حڪومتن سندس فڪر کان خوفزده ٿي کيس جيلن ۾ رکيو يا سندس گهر کي سب جيل بڻايو. سندس انهن قربانين کي عالمي سطح تي به مڃتا ملي ۽ ايمنسٽي انٽرنيشنل  کيس “ضمير جو قيدي” قرار ڏنو.. سائين جي ايم سيد هميشه اخلاق، سچائي ۽ صالح ڪردار تي زور ڏنو. هن ڪڏهن به وارثي طور پنهنجي اولاد کي سامهون نه آندو ته منهنجي وڃڻ کانپوءِ منهجو پٽ وارثي جي ڀڳ پائيندو هن واضع ڪيو ته منهنجو اصل وارث صالح ڪردار اختيار ڪندڙ آهن قومي تحريڪ ۾ به ڪنهن اڳواڻ تحريڪ کي پنهنجي ملڪيت سمجهندي وارثي جي پڳ پارائڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي پر افسوس جو هڪڙي ڌر چند ماڻهن جي خواهشن ۽ ٻين جي اشارن تي انهن جي تحريڪي ۽ تنظيمي مقصد کان هٽائي استعمال ڪري يا ٿي رهيا آهن جيڪو سيد جي پولڳن کي ورهائي ڪمزور ڪرڻ ۾ مددگار بڻيل آهن ڀلي ڪيترا گروپ ٺهيل آهن هرڪو پنهنجي ضمير جو قيدي ۽ پاڻ آڏو پاڻ جوابده آهي ته ڪير پنهنجي صالح ڪردار ۽ اخلاق وسيلي فڪر جي ايم سيد تي عمل پيو ڪري، يا فڪر دنيا جي ڪڌن ڌنڌن جو شڪار بڻجي ٿو!

سائين جي ايم سيد جو پيغام اهو هو ته قومن جي ترقي صرف نعريبازي سان نه، پر سٺي ڪردار، علم، عقل سان ڪيل فيصلن ۽ اتحاد سان ٿيندي آهي. سيد جي سڄي زندگي سنڌ سان عشق، اصولن سان وابستگي ۽ حقن لاءِ اٽل جدوجهد جو نالو آهي. هن پنهنجي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي نظريي تان هٿ نه کنيو ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ واضع  فڪري راهه ڇڏي.اڄ سندس ورسي جي موقعي تي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته صرف ڳالهيون نه ڪيون وڃن، پر عملي طور تي سندس تعليمات تي عمل ڪيو وڃي۔ سنڌ سان محبت جو مطلب اهو آهي ته اسان سچ ڳالهايون انصاف جو ساٿ ڏيون ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان ايماندار رهون۔

سائين جي ايم سيد جي زندگي اسان لاءِ هڪ سادو پر وڏو سبق آهي: پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي اصولن سان سچو رهڻ۔ سائين جي ايم سيد جي حوالي سان جڏهن به لکڻ شروع ڪندو آهيان ته اهي سٽون تري اينديون آهن "تنهنجو عشق اتاھون هر جابر جي ذات اڳيان، تنهنجو ڪنڌ جهڪڻ جو ناهي ٻي ڪنهن لات منات اڳيان ،آڏو آيا ڏاڍا گهڻا پر توکي الڪو اوٽو ناهي ،هر ڪنهن پنهنجي اصول کي ڇڏيو پر تنهنجي اصول کي لوڏو ناهي” سيد چيو ته لالچ ۽ خوف ڪڍي ڇڏيو دنيا جي ڪا به طاقت اوهان کي جهڪائي نه ٿي سگهي، لالچ ۽ خوف کان هٽي ڪير جدوجهد جي تارازي ۾ تري بيهي ٿو، حقيقت ۾ اهو ڪو ڪنهن جي لاءِ ڪو ٻيو فرد نه پر پنهنجي لاءِ پاڻ ئي پنهنجو وڏو منصف  ٿي سگهي ٿو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.