واشنگٽن( ع آ نيوز) ايران جي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي ايراني قوم جي غير معمولي اتحاد کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنه اي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايراني قوم جي اتحاد دشمن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪيو آهي، هي بي مثال اتحاد انهن عنصرن کي ٽوڙي رهيو آهي جيڪي ايران کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا. مجتبيٰ خامنه اي خبردار ڪيو ته دشمن جا ميڊيا آپريشن ماڻهن جي ذهنن ۽ نفسيات کي نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ قومي اتحاد ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا. ايراني قوم کي دشمن کي پنهنجن ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيڻ گهرجي