سنڌڙي (رپورٽ : ڪاشف علي شر سنڌڙي) سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي، اڳوڻي ايم پي اي جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو، روڊ بلاڪ، رپورٽ موجب سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدامني، چورين ۽ ڦرن جي وارداتن خلاف اڳوڻي ايم پي اي لڇمڻ داس پيرواڻي جي اڳواڻي ۾ شاگردن، زميندارن، استادن ۽ جاٽ برادري پاران سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري سبب سنڌڙي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪئي وئي، جنهن دوران پوليس انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، واضح رهي ته گذريل رات ھڪ پرائمري استاد رميش جاٽ کان ان وقت هٿياربندن روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا جڏهن هو اسڪول پنهنجي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ان واقعي کانپوءِ علائقي واسين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌڙي پريس ڪلب کان مين چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي لڇمڻ داس پيرواڻي چيو ته سنڌڙي ٿاڻي جي حد ۾ بدامني روز جو معمول بڻجي وئي آهي، هاڻي ماڻهن جو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ به تمام گھڻو مشڪل بڻجي ويو آهي، رڳو منهنجي ڳوٺ ۾ 9 ڦرون ٿيون آهن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي، ھاڻي سنڌڙي ٿاڻي جي حد اندر عوام جي جان ۽ مال جو ڪو به تحفظ ناهي رهيو، متاثر استاد رميش ڄاٽ دانهيندي ٻڌايو ته هو جڏهن اسڪول وڃي رهيو هو ته هٿياربندن کيس روڪي 30 هزار رپيا روڪ ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا، گسٽا اڳواڻ فاروق بروهي پڻ احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوليس کي خبردار ڪندي چيو ته اسان پوليس کي سومر تائين جو وقت ڏيون ٿا جيڪڏهن ڦر ٿيل رقم ۽ سامان ريڪور نه ڪيو ويو ته استاد برادري سڄي ضلعي ۾ سخت احتجاج ڪندي، مظاهرين سنڌڙي ٿاڻي جي آڏو پڻ سخت نعريبازي ڪئي ۽ بعد ۾ مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن جي نتيجي ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافرن کي سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو، احتجاج ۾ زميندار محمود راڄڙ کان علاوه شاگردن جي وڏي انگ ۽ ڄاٽ برادري جي ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته ترت بدامني تي ضابطو آڻي ڦرون ۽ بدامني پيدا ڪندڙ عناصرن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.