نيتن ياهو ڪينسر ۾ مبتلا هجڻ جو انڪشاف، صحتيابي جي دعويٰ

تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو انڪشاف ڪيو آهي ته هو پروسٽيٽ ڪينسر ۾ مبتلا هو، جنهن جو  هن ڳجهي نموني علاج ڪرايو ۽ هاڻي هو مڪمل طور تي صحت ياب ٿي چڪو آهي. سالياني طبي رپورٽ ۾ 76 سالن جي نيتن ياهو ٻڌايو ته ايران سان جنگ جي دوران هن پنهنجو علاج جاري رکيو. رپورٽ موجب، ڊسمبر 2024 ۾ سندس پروسٽيٽ جي سرجري ڪئي وئي هئي، پر تازي معائني دوران ڊاڪٽرن هڪ سينٽي ميٽر کان به ننڍو ٽيومر دريافت ڪيو. ڊاڪٽرن جي خطن موجب، ڪينسر جي سڃاڻپ تمام شروعاتي اسٽيج تي ٿي هئي، جنهن ڪري اهو جسم جي ٻين حصن تائين نه پکڙجي سگهيو. آمريڪي ميڊيا رپورٽن موجب، نيتن ياهو اڍائي مهينا اڳ ريڊيئيشن ٿراپي شروع ڪئي هئي، جيڪا تازو ئي مڪمل ٿي آهي ۽ هاڻي ڪينسر جا اثر مڪمل ختم ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.