روس پاران ايران- آمريڪا ڳالهين لاءِ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ

اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف سان ٽيليفون تي تفصيلي  ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت عالمي امن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ترجمان موجب، ٻنهي اڳواڻن عالمي فورمن تي پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي بحاليءَ ۾ پاڪستان پاران ادا ڪيل تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي. اسحاق ڊار پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۾ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان دنيا ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي استعمال ڪرڻ جي پاليسي تي قائم رهندو. رابطي دوران وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز ڪيل روس جي دوري بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ ٻنهي طرفن کان اتفاق ڪيو ويو ته ان دوري کي جلد کان جلد هڪ مناسب وقت تي شيڊيول ڪيو وڃي. اسحاق ڊار روسي پرڏيهي وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جنهن کي لاوروف پاران ساراهيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.