ايران لاءِ آمريڪا سان بهتر ڊيل جو سٺو موقعو آهي:آمريڪي بچاءَ وارو وزير

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي بچاءَ واري وزير  پيٽ هيگسٿ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته تهران ايٽمي هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، ان ڪري بهتر آهي ته هو آمريڪا سان هڪ سٺي ڊيل ڪري وٺي. پيٽ هيگسٿ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران وٽ اڃا به هڪ سٺو موقعو آهي ته هو ڳالهين جي ميز تي اچي عقل کان ڪم وٺي ڪو فيصلو ڪري. هن وڌيڪ چيو ته ايران خلاف جاري ڪاررواين کي 55 ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ صورتحال اڃا تائين حساس آهي. آمريڪي وزير واضح ڪيو ته آبناءِ هرمز تي آمريڪا جو ڪنٽرول برقرار آهي ۽ جيستائين ضرورت محسوس ٿي، ان اهم لنگهه جي ناڪابندي جاري رکي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.