تهران/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان پهچي ويو آهي. ايراني اسپيڪر باقر قاليباف نه آيو آهي. عباس عراقچي چيو ته هو اسلام آباد، ماسڪو ۽ مسقط جو دورو ڪندو. سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، عباس عراقچي پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ڌار ڌار ڳالهه ٻولهه ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران دوران خطي جي صورتحال ۽ جنگ بندي بابت معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان به ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي ايراني هم منصب جو فون آيو هو. ترجمان موجب، اسلام آباد طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ رابطن لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.اسحاق ڊار مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ فوري اڳڀرائي لازمي آهي. ترجمان جو چوڻ هو ته عباس عراقچي پاڪستان جي تعميري ۽ هاڪاري ڪردار جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ بندي ڪرائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون جاري آهن. وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ان سلسلي ۾ آمريڪا ۽ ايران سميت مختلف ملڪن سان مسلسل رابطي ۾ آهن.
واشنگٽن(ع آ نيوز) ٻن آمريڪي عملدارن آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر کي ڳالهين لاءِ اسلام آباد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس هن وقت پاڪستان اچڻ جو ارادو نٿو رکي. جي ڊي وينس پاڪستان نه اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ايراني اسپيڪر باقر قاليباف هن ڀيري ڳالهين جو حصو نه آهي. آمريڪي عملدارن موجب، باقر قاليباف کي ايراني وفد جي سربراهه ۽ جي ڊي وينس جي هم منصب طور ڏٺو پيو وڃي. عملدارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون اڳتي وڌن ٿيون ته جي ڊي وينس ڪنهن به وقت پاڪستان اچڻ لاءِ تيار آهي. جي ڊي وينس جو عملو اسلام آباد ۾ هوندو ۽ ڳالهين جو حصو هوندو. هوڏانهن وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولن ليوٽ چوي ٿي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگ بندي وڌائڻ تي ‘لچڪ ڏيکاري’ آهي. سندس مطابق، آمريڪي صدر اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر کي اسلام آباد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن اهي ‘ايرانين جو موقف سڌو سنئون ٻڌي سگهن.’