ٺيڙهي ۾ معصوم ٻار سان بدفعلي، تذليل، وڊيو ٺاهي وائرل، 3 جوابدار گرفتار

خيرپور(رپورٽ: شاھد نواز سيال) ٺيڙهي شهر ۾ ٽن جوابدارن پاران معصوم ٻار سان اجتماعي زيادتي، جوابدارن زيادتي جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي، واقعي ۾ ملوث ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، خيرپور ڀرسان ٺيڙي ۾ ٽن جوابدارن معصوم ٻار ارمان علي ميمڻ کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، جوابدارن زيادتي جي وڊيو ٺاهي ان کي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيو، ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ٻٻرلو پوليس کي ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ عبدالجبار ميمڻ ۽ پوليس چوڪي ٺيڙهي جي انچارج اي ايس آءِ حاڪم ڪلھوڙو ٽيم سان گڏجي ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن ثناءُ الله ميمڻ ۽ بلاول ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ان جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي واقعي بابت ٻڌايو ويو ته جوابدارن معصوم  نينگر ارمان ميمڻ کي هڪ جاءِ تي وٺي ويا، جتي جوابدارن ھٿيارن جي زور تي ساڻس اجتماعي زيادتي ڪئي ۽ فحش وڊيوز ٺاهي وائرل ڪيا، زيادتي جو شڪار ٻار مقامي اسڪول جو شاگرد ٻڌايو وڃي ٿو، ايس ايس پي موجب هي واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جڏهن ته پوليس وٺ پڪڙ ڪندي مک ٽئين جوابدار فرحان ميمڻ کي گرفتار ڪري ورتو، لاڪ اپ ۾ ڳالهائيندي ٽئين جوابدار فرحان ميمڻ چيو ته اسان نينگر سان وڏي زيادتي ڪئي آهي، اسان ان عمل جو اعتراف ڪيون ٿا، ڪجهه هُن جون به غلطيون آهن، هو ڌارين ماڻهن سان گهمندو هو وري اسان کي چوندو هو ته هو وڙهن ٿا، اسان هُن کي سمجهايو پر نه مڙيو، اسان کي وڊيو نه ڀرڻ گهرجن ها، اسان شرمسار آهيون، نينگر جي وارثن ڏانهن ميڙ کڻي وينداسين، اسان هٿ ٻڌي چئون ٿا ته اسان کي معاف ڪيو وڃي، ٽنهي جوابدارن طرفان لاڪ اپ اندر معافي جي اپيل ڪئي وئي.

بدفعلي ڪيس جي ٻن جوابدارن جو 4 ڏينهن جو رمانڊ

خيرپور/ ٻٻرلوءِ:  ٺيڙهي ويجهو ميمڻ پاڙي ۾ معصوم ارمان ميمڻ سان مبينا بدفعلي، وڊيو وائرل ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري  سنگين ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي، ٻٻرلوءِ پوليس گرفتار ڪيل ٻن جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت ٻنهي جوابدارن کي 4 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب جوابدارن خلاف بدفعلي، بليڪ ميلنگ ۽ ڌمڪين جا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽئين جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن معصوم ٻار سان نه رڳو غيرانساني سلوڪ ڪيو، پر ان جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري سندس خاندان کي به ڌمڪيون ڏنيون، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته متاثر خاندان طرفان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي، قانوني ماهرن موجب اهڙن ڪيسن ۾ سخت سزائون مقرر آهن ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿيا ته جوابدارن کي ڊگهي قيد سميت سخت سزائون ملي سگهن ٿيون، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته متاثر ٻار ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.