ڪراچي ۾ واپاري کان 25 لک رپيا ڦر، مزاحمت تي زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شاهراهه ڀٽو تي هٿياربند واپاري کان 25 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واقعي ۾ واپاري زخمي به ٿي پيو، ڊفينس جي رهواسي واپاري حفيظ الرحمان موجب رات جو هو لانڍي دائود چورنگي کان پنهنجي گاڏي ۾ شاهراهه ڀٽو رستي قيوم آباد ويجهو پهتو ته جوابدارن ڪار کي ٽڪر هنيو، حادثو سمجهي گاڏي روڪي ۽ پوئتي وڃي پڇا ڳاڇا  ڪرڻ لڳس ته ان دوران 4 موٽر سائيڪلن تي سوار جوابدار ون وي ذريعي اچي مون کي يرغمال بڻايو، جوابدارن تشدد ڪندي ٻيهر گاڏي ۾ ويهاريو، جڏهن ته مزاحمت ڪرڻ تي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪيو، واپاري موجب جوابدارن گاڏي ۾ رکيل 25 لک رپين جو ٿيلهو کسي ورتو ۽ گاريون ڏيندي ڌمڪيون ڏنيون پوءِ هٿيارن جي زور تي فرار ٿي ويا، واقعي بعد حفيظ الرحمان فوري طور مددگار 15 پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پنهنجي آفيس کي به آگاهه ڪيو، بعد ۾ ٽول پلازا جي سي سي ٽي وي فٽيجز حاصل ڪئي وئي، جنهن ۾ جوابدار واپاري جي ڀر واري بوٿ تي ٽول ادا ڪندي نظر آيا، پوليس موجب جوابدار هڪ ڪار ۾ سوار هئا جنهن جو نمبر ڊي آءِ بي 545 هو، جاچ دوران اهو نمبر جعلي نڪتو آهي، پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بدران جاچ شروع ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.