ملڪ ۾ بجلي پيداوار کوٽ جو شڪار، لوڊشيڊنگ وڌي وئي

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار ۽ ورڇ جو نظام دٻاءُ جو شڪار ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 11 هزار ميگاواٽ کان وڌي ويو آهي.  توانائي  واري شعبي جي ذريعن موجب، ايل اين جي جي کوٽ، پاور پلانٽن ۾ خرابين ۽ نيلم جهلم جهڙن وڏن منصوبن جي بندش سبب ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ملڪ جي بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪل صلاحيت 46 هزار ميگاواٽ آهي، پر مختلف فني ۽ انتظامي سببن ڪري هن وقت رڳو 17 هزار ميگاواٽ بجلي دستياب آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب، پاڻي جي گهٽ اخراج سبب پن بجلي جي پيداوار ۾ 6 هزار ميگاواٽ جي گهٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته ايل اين جي نه هجڻ سبب 5500 ميگاواٽ جا پاور پلانٽ بند پيل آهن. ٽرانسميشن نظام جي ڪمزوري سبب ڏکڻ وارن علائقن مان حاصل ٿيندڙ واڌو بجلي اترين علائقن تائين منتقل نٿي ڪري سگهجي، جنهن ڪري پنجاب جي وچين علائقن ۾ بجلي جو بحران وڌيڪ شديد آهي. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ٻارڻ جي فراهمي ۽ ترسيلي نظام کي بهتر نه بڻايو ويو ته ايندڙ سالن ۾ طلب ۽ رسد جو هي فرق وڌي سگهي ٿو. نيشنل گرڊ جي انگن اکرن موجب، 2035ع تائين بجلي جي وڌ ۾ وڌ طلب 43 هزار ميگاواٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن لاءِ هاڻي کان ئي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.