راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي انٽيليجنس بنيادن تي ٿيل آپريشن ۾ 22 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، آپريشن 21 اپريل تي ڪيو ويو، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ، خارجي گرفتاري جي ڊپ سبب انڌا ڌند فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ 10 ورهين جو معصوم ٻار شهيد ٿي ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، خارجي علائقي ۾ ڪيترين دهشتگرد ڪارروائين ۾ ملوث هئا ۽ سندن قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ وڌيڪ خارجين جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.