ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ويجهو هڪ خانگي شاپنگ مال وٽ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي گاڏي جو سائيڊ مرر ٽڪرائجڻ جي معمولي ڳالهه تي هڪ ريٽائرڊ ايس پي آغا اصغر پٺاڻ جي پٽ آغا شهير پاران سڌي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان ايف بي آر انسپيڪٽر شهمير لاشاري سخت زخمي ٿي پيو. زخمي نوجوان کي فوري طور نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو هن وقت وينٽيليٽر تي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو آهي. زخمي شهمير لاشاري جي ڀاءُ شاهزيب لاشاري جو چوڻ آهي ته ٻنهي گاڏين جا سائيڊ مرر ٽڪرايا هئا جنهن بعد پهريان گن مين لهي اسان تي تشدد ڪيو ۽ بعد ۾ گاڏي مالڪ پاڻ اچي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ ڀاءُ زخمي ٿيو. ڀاءُ کي 3 گوليون لڳيون آهن جن مان هڪ پيٽ ۾ ۽ 2 ڄنگهن ۾ لڳيون آهن. هن ٻڌايو ته زخمي وينٽيليٽر تي آهي ۽ اسان پوليس جي ڪارروائي مان مطمئن نه آهيون. هن ايف آءِ آر تي پڻ خدشا ظاهر ڪيا. هن ٻڌايو ته جوابدارن جي ريوو گاڏي جو نمبر SPD-970 هو. گاڏي سوار گارڊ ڪلاشن ڪوف اي ڪي 47 سان ڌڪ هنيا جڏهن ته گاڏي مالڪ پسٽل جا فائر ڪيا. متاثر خاندان پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوليس سستي ۽ غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ اڃا تائين جوابدارن خلاف ڪا به سخت ڪارروائي يا گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي. جوابدارن جو تعلق شڪارپور سان ٻڌايو پيو وڃي. زخمي نوجوان جي گهر وارن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڏکڻ کان مطالبو ڪيو آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. متاثر ڌر جي چڱي مڙس ذيشان لاشاري جو چوڻ هو ته طاقتور ماڻهو نشي ۾ ڪنهن کي به ڌڪ هڻي هليا وڃن ٿا ۽ پنهنجي من مرضي ڪن ٿا. کين قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. سندس چوڻ هو ته جوابدار آغا شهير جو نالو ايف آءِ آر ۾ پوليس پاران شامل ناهي ڪيو ويو.