اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان موقعي تي مائع قدرتي گئس (ايل اين جي) خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ 3 ايل اين جي ڪارگو لاءِ عالمي ڪمپنين کان واڪ طلب ڪيا ويا آهن. پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ جي ذريعن موجب، 24 اپريل تائين بوليون طلب ڪيون ويون آهن. ايل اين جي ڪارگو لاءِ واڪ اڄ کوليا ويندا. ذريعن موجب اپريل ۽ مئي جي 3 ڪارگو لاءِ واڪ طلب ڪيا ويا آهن، پهرين ڪارگو جي فراهمي 27 اپريل کان 30 اپريل تائين هوندي، ٻئي ڪارگو جي فراهمي 1 کان 7 مئي تائين هوندي، ٽئين ڪارگو جي فراهمي 8 مئي کان 14 مئي تائين رکي وئي آهي.