ايران کي ايف-15 جهازن جي ڊيٽا ڏيڻ تي ٻه اسرائيلي انجنيئر گرفتار

تل ابيب(ع آ نيوز) اسرائيلي ميڊيا رپورٽ ڪئي آهي ته ايران لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ اسرائيلي هوائي فوج جا ٻه انجنيئر گرفتار ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب، ٻنهي ماڻهن تي تازي جنگ دوران ايف-15 جنگي جهازن سان لاڳاپيل ڳجهي ڊيٽا ۽ فني معلومات منتقل ڪرڻ جو الزام آهي. اسرائيلي ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي انجنيئر اشدود جي ويجهو ٽيل  نوف ايئر بيس تي مقرر هئا، جتي اهي ايف-15 جهازن تي ڪم ڪري رهيا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.