ڪراچي جي نوجوان جو ڪمال: ايلون مسڪ پاران صالح آصف جي اي آءِ ڪمپنيءَ جي قيمت 60 ارب ڊالر لڳائي وئي

ڪراچي/لنڊن (عالمي نيوز ڊيسڪ) مصنوعي ذهانت(اي آءِ) جي شعبي ۾ ڪراچي جي نوجوان صالح آصف پنهنجي ذهانت سان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. دنيا  جي امير ترين شخص ايلون مسڪ پاران صالح آصف ۽ سندس ٽن پارٽنرن جي تيار ڪيل اي آءِ ڪمپني ”ڪرسر“ (Cursor) کي خريد ڪرڻ لاءِ 60 ارب ڊالرن جي قيمت لڳائي وئي آهي.برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايلون مسڪ جي ڪمپني ”ڪرسر“ نالي هن اي آئي اسٽارٽ اپ کي 60 ارب ڊالرن ۾ مڪمل طور تي خريد ڪرڻ جو آپشن حاصل ڪري ورتو آهي. جيڪڏهن ايلون مسڪ هن ڪمپني ۾ رڳو شراڪتداري ڪري ٿو ته ان جي قيمت 10 ارب ڊالر هوندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته صالح آصف سميت هن ڪمپني جا چئني باني ميمبر 30 سالن کان گهٽ عمر جا آهن.صالح آصف جو هي پراجيڪٽ ”ڪرسر“ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ذريعي پروگرامنگ ۽ ڪوڊنگ کي خودڪار (آٽوميٽڊ) بڻائڻ تي ڪم ڪري ٿو. هن وقت دنيا جي 50 هزار کان وڌيڪ ڪمپنين جا لکين ڊيولپرز ڪرسر جا ٽولز استعمال ڪري رهيا آهن. ڪمپني جو ساليانو منافعو هڪ ارب ڊالر آهي ۽ هيءَ دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ اي آئي ڪمپنين ۾ شمار ٿئي ٿي.امير ترين ماڻهن تي رپورٽون تيار ڪندڙ مشهور آمريڪي رسالي فوربز موجب، ڪراچي جي رهواسي صالح آصف جي اثاثن جي ماليت 1.3 ارب ڊالر تائين پهچي وئي آهي. صالح آصف جي هن ڪاميابي کي پاڪستاني نوجوانن لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ آئي ٽي شعبي ۾ هڪ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.