قمبر (پ ر) قمبر – شھدادڪوٽ ضلعي جي جابلو پٽيءَ واري ڳوٺ ڪوٽ نواب گڙتل ۾ ڊي ايڇ او آفيس قمبر شھدادڪوٽ ۽ برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن جي سهڪار سان ٽي بي، ڇاتي سميت ٻين بيمارين جي مريضن لاءِ هڪ ڏينھن جي مفت طبي ڪيمپ منعقد ڪئي وئي، جنھن جو افتتاح ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر نوابزادا لشڪر خان چانڊيو ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي ڪوآرڊينٽر ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري گڏجي ڪيو.
ميڊيڪل ڪيمپ ۾ جابلو پٽيءَ جي غريب مسڪين سوين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي ماھر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻن جي ٽيم ڊاڪٽر شاھدا مگسي، ڊاڪٽر بسما ضياء اسراڻ، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊاڪٽر وڪيش ڪمار، صادق شاھه، ڊاڪٽر بينا ابڙو، ڊاڪٽر ربينا ابڙو، ڊاڪٽر فاطما ۽ پرھه پاران چڪاس ڪئي وئي ۽ کين مفت ۾ دوائون پڻ فراھم ڪيون ويون.
مفت ميڊيڪل ڪيمپ تي ٽي بي ۽ ھيپاٽائٽس جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون، جن مان مثبت نتيجو اچڻ بعد مريضن کي سمورو ڪورس مفت ڏنو ويو.
ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، ڊاڪٽر صدام حسين ڀٽو، ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي، سيد نديم حسين شاھ ۽ عمران علي ٻرڙو چيو ته ڪيمپ جو مقصد ھتان جي مقامي ماڻھن کي بنيادي صحت جون سھولتون فراهم ڪرڻ، بيمارين جي شروعاتي سڃاڻپ ۽ وبائي بيمارين بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو.
مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۾ صحت کاتي قمبر – شھدادڪوٽ جي ٽيم شيخ زيد وومين اسپتال لاڙڪاڻو جي ڊاڪٽرياڻين سرسو، ممتا پروگرام ۽ برج ڪنسلٽنٽ پاران شرڪت ڪئي.
You might also like