حڪومت جي وقت سر قدمن سبب توانائي بحران کان بچي وياسين: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته موجوده علائقائي صورتحال ۾ وقت سر کنيل قدمن سبب ملڪ ۾ توانائي جو بحران پيدا نه ٿيو.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ انرجي سيڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف چيو ته انرجي سيڪيورٽي ملڪي مستقبل جي مجموعي منصوبابندي جو انتهائي اهم حصو بڻجي چڪي آهي، موجوده علائقائي صورتحال ۾ وقت سر کنيل حڪومتي قدمن سبب توانائي بحران پيدا نه ٿيو.
هن چيو ته ضرورتن کي ڏسندي ڪچي تيل جي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي حوالي سان منصوبي تي ڪم جاري آهي، مستقبل ۾ سرڪاري استعمال لاءِ بجلي سان هلندڙ بسون، موٽر سائيڪلون خريد ڪيون وينديون، اي وي لاءِ چاجنگ اسٽيشنز جي قيام لاءِ وڌيڪ تيزيءَ سان قدم کنيا ويندا.
اجلاس دوران وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت پيٽروليم ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود آهن ۽ غذائي سيڪيورٽي جي صورتحال مستحڪم آهي، تيل، گيس ڪمپنين جي ڪوششن سان گيس ۽ تيل جي مقامي پيداوار ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.