ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ عورتن جي وڌندڙ قتل، تذليل، توهين، جنسي ۽ جسماني تشدد ۽ عورت دشمن روين خلاف نوجوانن جي تنظيم "آلٽرنيٽ” جي سڏ تي ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ناصر منصور، ڪامريڊ زهره،اصغر دشتي ،احسن محمود ايڊووڪيٽ, ڪامريڊ اقبال ابڙو ۽ ڪامريڊ رابيل ابڙو, اقصيٰ ڪنول، عاقب حسين، اقبال ابڙو، بلاول شاهه، نورالدين ايڊووڪيٽ، مهرالنساء، شهزاد مغل ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي هنن مطالبا ڪيا ته عورتن خلاف سڀ امتيازي قانون ختم ڪيا وڃن ۽ اهڙا سڀ قانون منسوخ ڪيا وڃن جيڪي هن نظام کي تحفظ ڏين ٿا۔ عورت دشمن جاگيرداراڻو ۽ قبائلي نظام ختم ڪيو وڃي، ڪاروڪاري ۽ غيرت جي نالي تي قتل ۾ ملوث عنصرن کي سخت کان سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ متاثر عورتن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ جي نياڻين کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي، هندو ڇوڪرين جي جبري مذهب تبديلي ۽ جبري شادين جو سلسلو فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ ذميوارن کي سزا ڏني وڃي عورتن، ڇوڪرين ۽ کدڙن فقيرن خلاف تذليل، جنسي ۽ جسماني تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن، اڳواڻن چيو ته سڄي ملڪ، خاص طور سنڌ ۾، عورتن خلاف تشدد ۽ انهن جي قتل جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي،عورت دشمن جاگيرداراڻيون ۽ قبائلي سوچون ۽ روايتون سڄي سماج کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي ويٺيون آهن،هنن چيو ته سنڌ کي ان جي انسان دوست تهذيبي ۽ ثقافتي ورثي کان محروم ڪيو پيو وڃي، جنهن جو وڏو سبب جاگيرداراڻو ۽ قبائلي نظام آهي، جيڪو سماج جي هر شعبي ۾ گهريو ويٺو آهي۔ اهو عورت دشمن نظام ڳوٺن جي ٻنين کان وٺي شهرن جي ڪارخانن، آفيسن ۽ تعليمي ادارن تائين غالب ٿي چڪو آهي، اڳواڻن چيو ته هن صورتحال مان مڪمل نجات جو واحد رستو جاگيرداراڻِي ۽ قبائلي نظام جي خاتمي سان ڳنڍيل آهي، جنهن لاءِ هارين، مزدورن، نوجوانن، عورتن ۽ ٻين مظلوم طبقن کي گڏجي هڪ متبادل سياسي قوت بڻجڻو پوندو۔
فهميده لغاري ڪيس ۾ پوليس مٿان سنگين الزام، سنڌڙي ۾ ريلي
سنڌڙي (رپورٽ: ڪاشف علي شر) ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌڙي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پوليس مٿان سنگين الزام هنيا ويا، ميرپورخاص جي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سنڌڙي ۾ سول سوسائٽي ۽ وارثن پاران سنڌڙي چوڪ کان پريس ڪلب تائين هڪ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، شاگردن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي جي اڳواڻي فهميده لغاري جي والد انتظار لغاري، مامي مصدق لغاري، يوسي چيئرمين فقير محمد بخش مهر، گسٽا اڳواڻ حبيب ڇڄڙو، يوسي وائيس چيئرمين جان محمد جوڻيجو، واجد لغاري، حسيب ڪانيھون ۽ ٻين ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نياڻي جي والد انتظار لغاري چيو ته منهنجي ڌيءَ جي قتل کي 15 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس مک جوابدار عبدالله کي اڃان تائين گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جيستائين مُک جوابدارکي ڪيفردار تائين نه پهچايو ويندو، احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، شاگردياڻي جي مامي مصدق لغاري چيو ته پوليس ونگار وهي رهي آهي، پوليس رڳو ٻه جوابدار گرفتار ڪري خاموش ٿي ويهي رهي آهي، جڏهن ته اصل جوابدار اڃا تائين آزاد آهن،اسان وٽ واقعي جا سمورا ثبوت موجود آهن، سمورا جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو اڃان به وڌايو ويندو، ريلي ۾ شريڪ سول سوسائٽي جي اڳواڻن فقير محمد بخش مهر ۽ حبيب ڇڇڙو چيو ته ميرپورخاص جهڙي پرامن شهر ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي سان پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، معاملي جو فوري نوٽيس وٺي نياڻي جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪيا ويندا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پاران ڪارنهن الزام ۾ عورتن جي قتل واقعن جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سڄي سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي عورتن جي وحشيانه ۽ غير انساني قتل جي سخت مذمت ڪري آهي،پڌرائي ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي قتل جا وحشي واقعا انساني وقار، آئيني ضمانتن ۽ زندگي جي بنيادي حق جي سنگين خلاف ورزي آهن، اعلاميه ۾ چيو ويو ته 19 اپريل تي شاهده جتوئي ۽ نغمه جتوئي کي شادي جي آڇ کي رد ڪرڻ جي الزام ۾ قتل ڪيو ويو، 10 اپريل تي روبينا چانڊيو کي سندس مائٽن قتل ڪيو، ان کي غيرت جي نالي تي قتل ڪندڙ قرار ڏنو ۽ مناسب تدفين کان سواءِ دفن ڪيو ويو،اعلاميه ۾ چيو ويو ته پهرين مارچ تي يارهن ٻارن جي ماءُ کي گهر ۾ سندس ٻارن جي سامهون بي رحمي سان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.اهڙا عمل نه رڳو سنگين ڏوهه آهن، پر غير قانوني رسمن ۽ نام نهاد متوازي انصاف جي نظام جي شرمناڪ عڪاسي پڻ آهن، اعلاميه ۾ چيو ويو ته بار ايسوسيئيشن کي سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان جي انساني حقن جي ادارن کان انهن واقعن جو فوري طور تي نوٽيس وٺڻ گهرجي،
جنسي تشدد جي متاثر عورتن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ خلاف درخواست
ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ متاثر عورتن جي سڃاڻپ ظاهر ڪرڻ خلاف آئيني درخواست، ڌرين کي نوٽيس جاري ايڊووڪيٽ صفيه لاکو طرفان هڪ اهم آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ريپ، جنسي تشدد، غيرت جي نالي تي قتل ۽ عورتن خلاف ٻين سنگين ڏوهن جي متاثرن جي سڃاڻپ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي ظاهر ڪرڻ خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي وئي آهي۔عدالت درخواست تي ڪارروائي ڪندي سڀني لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ درخواست ۾ وفاقي حڪومت،سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ،سائبر ڪرائم ونگ، انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس ۽ ٻين اختيارين کي ڌر بڻايو ويو آهي۔درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريپ ۽ جنسي تشدد جي متاثرن عورتن جو نالو، تصوير، پتو يا ڪا به اهڙي معلومات ظاهر ڪرڻ جيڪا سندن سڃاڻپ ظاهر ڪري، نه رڳو قانوني طور منع ٿيل آهي پر ان سان متاثرن جي عزت، رازداري، ذهني صحت ۽ سماجي تحفظ تي به سنگين منفي اثر پوي ٿو۔ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 14 مئي 2026 تي مقرر ڪئي وئي آهي،
فهميده لغاري واقعي کان پوءِ شاگردن کي ڊگريون نه مليون، احتجاج
ميرپورخاص(بيورورپورٽ)خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميده لغاري پاران ڪاليج جي فارماسسٽ ۽ شاگردن جي هراسمينٽ کان پريشان ٿي آپگھات ڪرڻ واري معاملي سبب بحرانن جي ور چڙهڻ بعد ٻي بحران به ڪر کنيو، محمد ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڊگريون نه ملڻ ۽ رجسٽريشن نه ٿيڻ سبب هائوس جاب کان محروم رهڻ تي روڊن تي نڪري آيا، محمد ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڊاڪٽر همنا، ڊاڪٽر محمد زين ۽ ٻين چيو ته اسين لکين ڪروڙين روپيا ادا ڪرڻ سان گڏ چئن سالن تائين لاڳيتي محنت ڪرن بعد محمد ميڊيڪل ڊينٽل ڪاليج مان بي ڊي ايس جو 2025 امتحان پاس ڪيو پر هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود اسان کي ڪاليج جي انتطاميا پاران نه رجسٽريشن ڪرائي پئي وڃي نه پي ايم سي نمبر الاٽ نه ڪيو پيو وڃي جنهن جي ڪري اسين هائوس جاب به نه پيا ڪري سگھون، اسان لاءِ مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن.
سنڌ ۾ عورتن جي قتل ۽ هراسمينٽ واقعن تي قانون خاموش آهي:عورت مارچ اسلام آباد
اسلام آباد(بيورو)عورت مارچ اسلام آباد سنڌ اندر عورتن جي بيدردي سان قتل کي سماج خلاف سازش قرار ڏيندي،سندن تحفظ لاءِ موجود قانونن کي ڪاغذي قرار ڏنو آھي.عورت مارچ اڳواڻن فرزانه باري ،گلشن لغاري ۽ ٻين سنڌ حڪومت ۽ شھيد بينظير جي اولاد کان عورتن جي تحفظ لاءِ ڪيل واعدا پاڙڻ جو مطالبو ڪيو آھي ..عورت مارچ اسلام آباد ٽنڊو مستي ۾ روبينه عرف خالدا چانڊيو، لاڙڪاڻي ۾ ماءُ ۽ ڌيءَ (نغما ۽ شاھده جتوئي) ۽ ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي آپگهات جي واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪندي اھڙن شيطاني عملن جي مذمت ڪئي آھي.عورت مارچ اسلام آباد قرار ڏنو آھي ته ڄاڻايل شيطاني عمل سنڌ ۾ عورتن خلاف تشدد جو ڪو پھريون واقعو نه آهن،صوبي اندر عورتن جون زندگيون اڃا تائين پدرشاهي سماج جي ريتن رسمن جي نالي تي قربان ڪيون پيون وڃن،جيڪا عورتن جي خودمختياري خلاف سازش آھي .تنظيم واضح ڪيو ته عورتن جي بي رحماڻي قتلن جو بار کڻي کڻي ٿڪجي پيا آهيون ڇو تسلسل سان قتل جا واقعا ھاڻي قابل برداشت ناھن رھيا جيتوڻيڪ نام نهاد غيرتي قتل، عورتن خلاف تشدد ۽ هراساني خلاف قانون موجود آهن، پر انهن قانونن تي عملدرآمد لاءِڪي به جوڳا انتظام نٿا ڪيا وڃن عورت مارچ اسلام آباد سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آھي ته سمورن تازن ڪيسن ۾ گرفتاري، غيرجانبدار جاچ ۽ وقت سر عدالتي ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي عورتن خلاف تشدد جي ڪيسن ۾ هر قسم جي سزا کان بچاءُ ۽ “مفاهمتي فيصلن” جو خاتمو آندو وڃي.جرڳا سسٽم خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي ڪئي وڃي،
نياڻين جي قتل، سڱ چٽين ۽ هراسمينٽ واقعن خلاف لاڙڪاڻي ۾ ريلي
لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ طرفان ڪاروڪاري جو الزام هڻي سنڌ ۾ نياڻين جي قتل، سڱ چٽي، جرڳا سسٽم، تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي هراسمينٽ ۽ اغوا بعد نياڻين جو زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ واري عمل خلاف هٿن ۾ بئنر کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيوويو، ان موقعي تي اڳواڻي ڪندڙ شازيه احمداڻي، نصرت خاصخيلي، فضا ملاح، شمائلا لاڙ، الطاف خاصخيلي، سڪندر لاشاري، جميل لاڙ، اسلم سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ روزانو ڪانه ڪا نياڻي اغوا، قتل ۽ تشدد جو نشانو بڻائي وڃي ٿي، سنڌ اندر جمهوريت نه پر بادشاهت قائم آهي، جتي جهنگ جو قانون هلي رهيو آهي، جيڪو جيترو طاقتور آهي اهو ايترو ئي ظالم، جابر ۽ جلاد آهي، ڪارنهن جا ڪوڙا الزام هڻي معصوم نياڻيون قتل ڪرڻ ظلم ۽ بربريت آهي، هن ڪڌي رسم جو سنڌي سماج سان ڪو واسطو نه آهي.
شاهپور چاڪر ڀرسان عورت ڪارنهن الزام هيٺ قتل
شاهپور چاڪر (ن ع آ) شاهپور چاڪر ڀرسان اي ون هائوسنگ اسڪيم ۾ رهندڙ هڪ عورت کي سندس ڏيرن ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار رحم حسين خاصخيلي، مير حسن خاصخيلي ۽ سيفل خاصخيلي گهر ۾ داخل ٿي پسٽل جا فائر ڪري 45 ورهين جي وزيران، زال بخت حسين خاصخيلي کي ڪاروڪاري جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو، واقعي کان پوءِ جوابدار فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد اسپتال منتقل ڪيو، قتل ٿيل وزيران خاصخيلي ٽن ٻارن جي ماءُ هئي، ايس ايڇ او شاهپور چاڪر غلام حيدر بروهي موجب واقعي جي جاچ جاري آهي، جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.
جهڏو ويجهو مڙس هٿان ڳورهاري زال قتل، جوابدار گرفتار
جهڏو (ن ع آ) جهڏو ويجهو مبينا ڪارنهڻ الزام هيٺ مڙس هٿان ڳورهاري زال گهٽا ڏئي قتل، جوابدار گرفتار، ڳوٺ محمد اسلم لغاري ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي 19 سالن جي ناري شاهدان کي سندس مڙس جاويد ماڇي مبينا طور رسي سان گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي بروقت ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، مقتولا جو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ آر ايڇ سي جهڏو منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم جون سهولتون نه هئڻ سبب مقتولا جو لاش ٽنڊو جان محمد رورل هيلٿ سينٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو، وارث لاش کڻي مسلسل 8 ڪلاڪن تائين جهڏو کان پوءِ ٽنڊو جان محمد اسپتال دربدر ٿيندا رهيا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا ناري جي والد سلطان ماڇي جي فرياد تي سندس ناٺي جاويد ماڇي خلاف نياڻي جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو، والد موجب جوابدار ڌيءَ تي ڪنهن ٻئي سان لاڳاپن جو شڪ ڪندو هو، جنهن بنياد تي هن اهڙو قدم کنيو، نياڻي چئن مهينن جي ڳورهاري پڻ آهي.
عمرڪوٽ ڀرسان يتيم نياڻي سان مبينا زيادتي، متاثر ڌر مٿان حملو، ڇڪتاڻ
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاروڙو چارڻ ۾ هڪ يتيم نياڻي ببلي اوڏ سان مبينه زيادتي واري سنگين واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو ويو، متاثر نياڻي ببلي اوڏ الزام لڳايو ته اشوڪ ڪمار ۽ رميش ڪمار ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو، واقعي بعد متاثر ڌر چيو ته پوليس طرفان 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ نه ئي فوري طور ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪيو ويو، واقعي کان پوءِ جوابدار ڌر طرفان سندن گهر تي حملو پڻ ڪيو ويو، جنهن ۾ عورتن ۽ مردن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته هڪ عورت کي سخت زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعي جي اکين ڏٺي شاهد ۽ مبينه زيادتي جو نشانو بڻيل ناري ببلي جي پاڙيسري ڪمال هڱورجو ٻڌايو ته رات جو رڙيون ٻڌي هو واقعي واري هنڌ پهتو ته اشوڪ ڪمار ۽ رميش ڪمار فرار ٿي ويا، جڏهن هو نياڻي کي پنهنجي گهر وٺي آيو ته ببلي سان مبينه ڏاڍائي ڪندڙ نوجوان ۽ سندن وارثن هٿياربند ٿي حملو ڪيو، جنهن ۾ سندس ڀاڻيجي سميت گهر ڀاتين کي ڌڪ لڳا، هو رات 3 وڳي تائين ٿاڻي تي ويٺا رهيا، پر پوليس کين ميڊيڪل ليٽر جاري نه ڪيو، جڏهن ته مخالف ڌر کي فوري سهولت فراهم ڪئي وئي، بعد ۾ صبح جو زخمين ۽ متاثر نياڻي لاءِ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو، جنهن بعد سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ ٽيسٽون ڪرايون ويون، جتان ڊاڪٽرن شروعاتي رپورٽ ۾ نياڻي زيادتي جو شڪ ظاهر ڪيو، الزام ھيٺ آيل نوجوان جي والد پرائمري استاد ڪمرو اوڏ ۽ ڀورا لعل پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي الزام رد ڪندي چيو ته سندن خاندان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، اصل جوابدار کي لڪايو پيو وڃي، ڪمال الدين ھڱورجو جي ڀيڻ کي ھن معاملي جي خبر آھي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.