واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران سان ڳالهين جو ٻيو دور جمعي تي ٿي سگهي ٿو ۽ ان ۾ سٺي خبر متوقع آهي. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ آمريڪي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هن آمريڪي فوج کي هر ممڪن صورتحال سان منهن ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٽرمپ چيو ته ايران سان ڳالهيون 36 کان 72 ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، ٻيو دور جمعي تي ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ سٺي خبر متوقع آهي. ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي درخواست تي ايران تي حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي هڪ پيغام ۾ چيو ته پاڪستاني قيادت اسان کي چيو ته ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير اسان کي چيو ته حملي کي روڪيو وڃي جيستائين ايراني قيادت متفقه تجويزن سان نه اچي. آمريڪي صدر چيو ته ڳالهين جو عمل مڪمل ٿيڻ تائين جنگ بندي کي وڌايو پيو وڃي، تنهن ڪري ايران جي تجويز پيش ٿيڻ تائين جنگ بندي کي وڌايو ويندو. سندس چوڻ هو ته مون آمريڪي فوج کي حملا نه ڪرڻ جي هدايت سان گڏ ايران خلاف بحري ناڪابندي جاري رکڻ ۽ هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار رهڻ جا به حڪم ڏنا آهن. هن جنگبندي ۾ واڌ جو اعلان ڪندي چيو ته اها ان وقت تائين برقرار رهندي، جيستائين ايران طرفان باضابطا طور تجويز پيش نٿي ڪئي وڃي ۽ ڳالهيون ڪنهن نتيجي تائين نه ٿيون پهچن.