سکر (رپورٽ: آزاد مهر / سيد نعيم شاھ) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ۽ مڪاني کاتن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه روهڙي جنڪشن پهچي ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو. 1.33 ارب رپين جي لاڳت وارو هي منصوبو 6 مهينن اندر مڪمل ڪيو ويندو. تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته روهڙي جنڪشن جي ڊگهي عرصي کان رهيل بنيادي سهولتن جي کوٽ هاڻي پوري ٿيڻ واري آهي. هن اعلان ڪيو ته سکر ايڪسپريس کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ جلد ئي ضلعي ڪائونسل جي سهڪار سان ”هو جمالو“ ٽرين به هلائي ويندي. وفاقي وزير حنيف عباسي چيو ته روهڙي جنڪشن 150 سال پراڻي اسٽيشن آهي جنهن کي هاڻي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ريلوي اسپتال کي پارٽنرشپ تي ڏنو ويو آهي جتي ملازمن کي مفت علاج جي سهولت ملندي. وفاقي وزير ايم ايل ون منصوبي کي 480 ڪلوميٽر تائين وڌائڻ ۽ ٿر ڪول منصوبي جي جلد افتتاح جو پڻ اعلان ڪيو.