ايران-آمريڪا ڳالهيون: اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام، رينجرز ۽ ايف سي مقرر، ڪيئي رستا سيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي ٻئي مرحلي جي تيارين جي سلسلي ۾ وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن.
راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي مکيه رستن تي پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر آهن، مختلف ناڪن تي سخت چيڪنگ ڪئي پئي وڃي ۽ ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستا مڪمل بند ڪيا ويا آهن.
ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند آهي جڏهن ته سري نگر هاءِ وي تي به مختلف وقتن تي ٽريفڪ روڪي سگهجي ٿي.
ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته جاڙن شهرن اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ هيوي، ڪمرشل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي داخلا تي بندش آهي، جي 5، 6، 7 ۽ ايف 6، 7 جا رهواسي راولپنڊي اچڻ وڃڻ لاءِ مارگلا روڊ کان نائينٿ ايوينيو جو رستو استعمال ڪن.
ٽريفڪ پوليس موجب، پارڪ روڊ کان ڪلب روڊ بند هجڻ جي صورت ۾ ٽريفڪ ترامڙي چوڪ ڏانهن موڙي ويندي، جڏهن ته مصروف تجارتي مرڪز بليو ايريا جزوي طور کليل آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ريڊ زون هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ مڪمل بند رهندو پر ريڊ زون کان ٻاهر تمام آفيسون ۽ ڪاروباري مرڪز کليل آهن. جاڙن شهرن ۾ هلندڙ ميٽرو بس سروس مڪمل بند ڪئي وئي آهي ۽ ايندڙ هفتي تائين گهڻي ڀاڱي تعليمي ادارن ۾ ڪلاسز کي به آن لائن ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.