اسلام آباد/واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ اسلام آباد ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آمريڪي ذريعن جو چوڻ آهي ته نائب صدر جي ڊي ونس اڱاري تي پاڪستان لاءِ روانو ٿيندو.
ٻئي پاسي تهران اڃا تائين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ڪئي ته هو اسلام آباد ۾ ڳالهين لاءِ ڪو وفد موڪليندو يا نه؟
هوڏانهن ايراني ميڊيا اهڙن خبرن جي ترديد ڪئي آهي جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هڪ ايراني وفد اسلام آباد روانو ٿي ويو آهي.