ترقي پسند قوتون سامراجي جنگين، رياستي ظلم خلاف متحد ٿين: عوامي ورڪرز پارٽي

ڪراچي(پ ر) ايران ۾ سامراجي جنگ جا اثر، انهي سان گڏ پاڪستان اندر رياستي ظلم ۽ معاشي مشڪلاتن جو مقابلو صرف ترقي پسند سماجي ۽ سياسي قوتن جي اتحاد ذريعي ڪري سگهجي ٿو جيڪي علائقائي ۽ عالمي سطح تي وسيع سامراج مخالف مقصد کي قومي رياست اندر طبقاتي، قومي، پدر شاهي ۽ ٻين ظلمن سان گڏ ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ بي دخلي خلاف وڙهندڙ ڪچي آبادي ۽ ڳوٺاڻن کان وٺي ايران جي بهادر ماڻهن تائين جيڪي دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي طاقت سان وڙهيا، انهن سان گڏ آهيون. هي 18 ۽ 19 اپريل تي ڪراچي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جي ٻن ڏينهن جي سياسي ڪميٽي جي اجلاس جي آخر ۾ جاري ڪيل آخري اعلان جو خلاصو هو، جنهن ۾ خيبر پختونخوا، پنجاب، سنڌ، سرائيڪي وسيب، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان جي پارٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. پروگريسو اسٽوڊنٽس فرنٽ ۽ وومين ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جي نمائندن پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جي صدارت پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر بخشل ٿلهو ۽ ڊپٽي سيڪريٽري ڊاڪٽر عاصم سجاد اختر ڪئي. پارٽي ايران ۽ لبنان ۾ آمريڪي صيهوني سامراج جي جاري تشدد واري جارحيت جي مذمت ڪري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين شهري، ٻار ۽ عورتون مارجي ويون آهن ۽ شهري نظام تباهه ٿي ويو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي سامراجي طاقتن جي غير انساني پاليسين، عالمي امن کي تباهه ڪرڻ ۽ توانائي بحران پيدا ڪرڻ ۾ انهن جي ڪردار جي سخت مذمت ڪري ٿي. واشنگٽن ۽ تل ابيب جي اڳواڻي ۾ سامراجي تشدد، فلسطين، يمن، سوڊان، افغانستان ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾، جنهن ۾ اسان جا پنهنجا جنگ سٽيل  علائقا خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان شامل آهن،   حڪومت پاران سيڪيورٽي جي آڙ ۾ ملڪ جي تقريبن سڀني حصن ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ هر قسم جي پرامن احتجاج کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امن ۽ مفاهمت جي دعويٰ ڪندي، پاڪستان جي هائبرڊ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ حقيقت ۾ پنهنجي ملڪ اندر جنگ کي وڌائي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.