تل ابيب(عوامي آواز نيوز)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڏکڻ لبنان ۾ هڪ اسرائيلي فوجي طرفان حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مجسمي کي نقصان پهچائڻ واري عمل جي “سخت ترين لفظن ۾ مذمت” ڪئي آهي،نيتن ياهو جو بيان ان تصوير جي آن لائين وائرل ٿيڻ کان پوءِ سامهون آيو، جنهن ۾ هڪ اسرائيلي فوجي کي هٿوڙي سان حضرت عيسيٰ عليه السلام جي مجسمي تي وار ڪندي ڏٺو ويو آهي۔سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نيتن ياهو چيو ته هو ۽ “اسرائيلي ماڻهن جي وڏي اڪثريت” هن واقعي بابت ڄاڻي ڏاڍا ڏکيا آهن،هن چيو ته فوجي عملدار هن معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ ذميوار فوجي خلاف “سخت تاديبي ڪارروائي” ڪئي ويندي،اسرائيلي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته “اسرائيل وچ اوڀر ۾ واحد هنڌ آهي جتي سڀني مذهبن لاءِ عبادت جي آزادي برقرار رکي وڃي ٿي، اسان هن واقعي تي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا ۽ جيڪا به تڪليف پهتي آهي، ان تي معذرت خواه آهيون.”ان کان اڳ اسرائيل ۾ آمريڪا جي سفير مائيڪ هڪابي به هن واقعي تي “فوري، سخت ۽ اعلانيه” ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو۔