تهران (م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته تهران آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکيون پيو اچي، پر وڌندڙ تڪرار سبب هر ممڪن صورتحال لاءِ تيار به آهي، باقر قاليباف ٽي وي بيان ۾ چيو ته ايران کي پنهنجن مخالفن تي اعتماد ناهي ۽ صورتحال ڪنهن به وقت وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي، اسان دشمن تي ڀروسو نٿا ڪريون، جنگ ڪنهن به گهڙي شدت اختيار ڪري سگهي ٿي، نيم سرڪاري خابرو اداري موجب قاليباف واضح ڪيو ته ايران هڪ طرف سفارتي عمل جاري رکيو آهي، جڏهن ته ٻي طرف هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي، موجوده حالتن ۾ ڳالهين جي اهميت آهي، پر قومي سلامتي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ به لازمي آهن.