ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، هڪ ارب 45 ڪروڙ ايراني ريال هٿ

ڪراچي (رپورٽر) وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي ترجمان موجب ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪارروائي دوران غير قانوني طور تي ايراني ڪرنسي جي وڪري ۽ خريد ۾ ملوث جوابدار  کي حراست ۾ ورتو، ترجمان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار وٽان 1.45 بلين (1 ارب 45 ڪروڙ) ايراني ريال برآمد ڪيا ويا، ايف آءِ اي موجب معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ان نيٽ ورڪ بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.