نوشهروفيروز انتظاميا غلام مرتضيٰ جتوئي جي ساٿي جا دڪان ڊاهي ڇڏيا، پمپ سيل

ڪراچي/ مٺياڻي (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي جي دعوت ڪرڻ تي حڪومت انتقامي ڪارراوين تي لهي آئي، دريا خان مري ۾ غلام حيدر مري جو پيٽرول پمپ ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، پوليس طرفان ڪڙو پڻ چاڙهيو ويو، سوشل ميڊيا تي حڪومت مٿان سخت تنقيد ڪئي  پئي وڃي، سوشل ميڊيا واهپيدارن مطالبو ڪيو ته غلام حيدر مري خلاف ڪارروائي جو نوٽيس ورتو وڃي، جي ڊي اي قيادت خلاف انتقامي ڪارروائي بند ڪئي وڃي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ راشد شاهه راشدي نوشهروفيروز ۾ غلام حيدر مري جو پيٽرول پمپ سيل ڪرڻ ۽ دڪان ڊاهڻ تي سخت ردعمل ڏيندي روڊ بند ڪرڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، وڊيو بيان ۾ راشد شاهه راشدي چيو ته جيڪڏهن عوامي مسئلا فوري طور حل نه ڪيا ويا ته روڊ بند ڪرڻ سميت سخت احتجاجي قدم کنيا ويندا، عوام سان ٿيندڙ ناانصافيون هاڻي وڌيڪ برداشت نه ڪيون وينديون، حڪومت فوري طور مسئلن جو حل ڪڍي، ٻي صورت ۾ سڄي صوبي ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، راشد شاهه راشدي خبردار ڪيو ته روڊن جي بندش سبب پيدا ٿيندڙ ڪنهن به صورتحال جي ذميواري حڪومت تي هوندي، سياسي حلقن موجب هن بيان کان پوءِ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ جي ڊي اي طرفان وڏي احتجاج جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته غلام مرتضيٰ جتوئي جي دعوت ڪرڻ تي غلام حيدر مري صاحب جيڪو نوشهروفيروز جو رهواسي آهي هُن جو پيٽرول پمپ ۽ دڪان ڪيرايا ويا آهن، هن ظلم جي شروعات هنن حڪمرانن شروع ڪئي آهي، اسان کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته اسان اچي مظلومن سان گڏجي بيهون، اسان کي نانا رسول الله جي امت پڪاري رهي آهي، اسان جو فرض آهي ته ان سان گڏ بيهون، انشاءَ الله هي حڪمران ڏسندا ته هنن جي ظلم جي داستان ختم ٿي ويندي ۽ اسان مظلوم سان گڏ بيٺا رهنداسين، هنن انتهائي ڪريل حرڪت ڪئي آهي، اسان ظالم حڪمرانن جو مقابلو ڪنداسين، اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته اسان اوهان جي آڏو اچي بيهي رهون ته سنڌ جا روڊ بند ٿي وڃن، هاءِ وي بند ٿي وڃن، مظلوم نڪري اچن ۽ هڪ نئين انقلاب جي شروعات ٿي وڃي،.

غلام حيدر مري پراڻو ساٿي آهي، سندس مالڪي ڪنداسين:جي ڊي اي اڳواڻ

مٺياڻي (رپورٽ: امير علي ملڪ) مٺياڻي ڀرسان نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي جي ڊي اي مرڪزي اڳواڻن جي هنگامي پريس /ڪانفرنس، جتوئي ڀائرن کي آجياڻو ڏيڻ ڏوھ بڻجي ويو، ضلعي انتظاميه پاران اين پ پ جي ڊويزنل صدر جو پيٽرول پمپ کي سيل ۽ سندس دڪانن کي ڊاھي پٽ ڪرڻ واري واقعي کي انتقامي ڪارروائي قرار  ڏئي ڇڏيو، مٺياڻي ڀرسان نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ مسرور احمد جتوئي، آفتاب احمد خان ڳوراهو ۽ ٻين هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي سندن چوڻ هو ته جتوئي ڀائرن کي آجياڻو ڏيڻ به ڏوھ بڻجي ويو آهي، گذريل ڏينھن دريا خان مري ۾ ضلعي انتظاميه پاران اين پ پ جي ڊويزنل صدر جي پيٽرول پمپ کي سيل ۽ سندس دڪانن کي ڊاھي پٽ ڪرڻ واري واقعي کي انتقامي ڪاروائي قرار ڏيندي چيو ته اڳوڻو وفاقي وزير جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ غلام مرتضيٰ خان جتوئي اڳوڻو وفاقي وزير نيشنل پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر مسرور احمد خان جتوئي شاھنواز خان جتوئي کي آجياڻو ڏيڻ جي ڏوھ ۾ ضلعي انتظاميه پاران نيشنل پيپلزپارٽي جي غلام حيدر مري نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراھ کي دعوت ڏئي گھرايو غلام حيدر مري اسانجو پراڻو ساٿي آھي ان خلاف ڪارروايون ڪرڻ  پيٽرول سيل ڪرڻ دڪان ڊاھڻ اھو مذمت جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته جتوئي خاندان ۽ انهن جي همدردن کي ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس گردي سان جهڪائي نٿو سگهجي ،اسين مارشلا جي دور ۾ به ڳاٽ اوچو ڪري سياست ڪئي آهي ، ڪالهه اسان جي اين پي پي جي ڊويزنل صدر جي غلام حيدر مري جو دريا خان مري ۾ پئٽرول پمپ کي سيل ڪرڻ ۽ شاپنگ سينٽر ڊاهڻ جي سخت لفظن ۾ مزمت ڪيون ٿا، اسين اهڙي عمل خلاف ڪورٽن جو دروازو کڙڪائينداسين، پيپلز پارٽي جي حڪومت بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي، اسان جي همدردن سان انتقامي ڪاروايون تيز ٿي ويون آهن، اسان هر فورم  تي پنهنجي ڪارڪنن ۽ پارٽي  جي عهديدارن جي مالڪي ۽ وارثي ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.