ايراني حملن سبب تل ابيب ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ اپارٽمينٽ تباهه

تل ابيب(عوامي آواز نيوز)تل ابيب جي ميئر رون هلدائي انڪشاف ڪيو آهي ته ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن سبب شهر جا هڪ هزار کان وڌيڪ اپارٽمينٽس ايترا تباهه ٿي چڪا آهن، جو هاڻي رهائش جي قابل نه رهيا آهن۔هن چئنل 12سان ڳالهائيندي چيو ته انهن حملن ۾ ڪيترن ئي رهائشي عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي، جنهن بعد ڪيترن هنڌن تان ماڻهن  کي لڏائڻو پيو آهي۔هن موجب ايراني حملن شهر جي شهري ڍانچي (انفراسٽرڪچر) کي به متاثر ڪيو آهي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ سنگين بڻجي وئي آهي۔رپورٽن مطابق انهن حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 26 اسرائيلي شهري مارجي ويا آهن ۽ 2600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن۔ٻئي پاسي ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي نتيجي ۾ هينئر تائين 3,468 ماڻهو مارجي چڪا آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.