اسرائيل جون لبنان ۾ جنگ بندي ڀڃڪڙيون ايران سان معاهدي ۾ رڪاوٽ؟

لنڊن(ثقلين امام)اپريل تي اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ ٿيل ڏهن ڏينهن واري جنگبندي باوجود، 17 اپريل تي ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن، جنهن سبب جنگبندي ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي۔جيڪڏهن اهي ڪارروايون جاري رهيون ته ايران ان کي اڻ سڌي طرح آمريڪا جي حمايت يافته ڀڃڪڙي سمجهي سگهي ٿو، جنهن سان نه رڳو سفارتي ڪوششون ناڪام ٿي سگهن ٿيون، پر عالمي توانائي مارڪيٽ به سخت عدم استحڪام جو شڪار ٿي سگهي ٿي۔ڊونلڊ ٽرمپ جا به اهڙا بيان سامهون آيا آهن، جنهن سبب   آبناءِ هرمز، ٻيهر بند ڪئي وئي آهي، اها صورتحال انتهائي حساس آهي، ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف سخت بيان ڏيندي ٽرمپ جي دعوائن کي مڪمل طور رد ڪيو آهي۔ هن چيو ته ٽرمپ هڪ ڪلاڪ ۾ ڪيترائي اهڙا دعوائون ڪيا آهن، جن جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي۔قالیباف موجب ٽرمپ جا اهم ”غلط دعوائون“ هي آهن:آبناءِ هرمز مڪمل طور کوليو ويو آهي  جڏهن⁠ ته  اهو صرف محدود ۽ سخت شرطن سان کوليو ويو  آهي۔ ايران مستقل طور اهو رستو بند نه ڪرڻ جو وعدو ڪيو آهي   جيڪو صحيح ناهي، اهو صرف جنگبندي تائين محدود آهي۔ قاليباف  جو چوڻ آهي ته جنگ ۽ سفارتڪاري جا نتيجا زميني حقيقتون طئي ڪن ٿيون، نه سوشل ميڊيا جا بيان۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران تي اقتصادي دٻاءُ جاري رهيو ته آبناءِ هرمز وڌيڪ وقت لاءِ کليل نه رکيو ويندو، جيڪو عالمي واپار جي اهم شاهراهه آهي۔ياد رهي ته جڏهن هن رستي کي کولڻ جو اعلان ٿيو ته تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 10 کان 11 سيڪڙو گهٽتائي آئي هئي، پر جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته قيمتون ٻيهر وڌي سگهن ٿيون۔ماهرن موجب ايران اڳواٽ حڪمت عملي تحت وڏي مقدار ۾ تيل محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب اهو عالمي مارڪيٽ ۾ سپلاءِ جاري رکي سگهي ٿو، ۽ اهو ان کي ڳالهين ۾ مضبوط پوزيشن ڏئي ٿو۔سي اين اين موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ايندڙ ڳالهين جو دور اسلام آباد ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي، پر اڃا تصديق ناهي ٿي۔اها سموري صورتحال هڪ تضاد ڏيکاري ٿي هڪ طرف ڳالهين جون ڳالهيون، ٻئي طرف جنگي ڪارروايون ۽ معاشي دٻاءُ جاري آهي۔هن وقت وچ اوڀر انتهائي نازڪ صورتحال ۾ بيٺل آهي، جتي هڪ ننڍڙي غلطي به وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔جيڪڏهن عالمي برادري پنهنجو ڪردار ادا نه ڪيو ته اها ڇڪتاڻ سڄي دنيا جي معيشت ۽ امن کي متاثر ڪري سگهي ٿي۔هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته طاقت بدران ڳالهين کي ترجيح ڏني وڃي، نه ته هي عارضي جنگبندي ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ خطو ٻيهر وڏي تباهي ڏانهن وڃي سگهي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.