تهران ۾ سپريم ليڊر جي حمايت ۾ عوامي سمنڊ اٿلي پيو

تهران/ صنعا (م ڊ) ايران ۽ يمن ۾ لکين ماڻهن  روڊن تي نڪري پنهنجي قيادت ۽ علائقائي مزاحمتي قوتن سان ايڪي جو ڀرپور اظهار ڪيو آهي. ايران جي گادي واري شهر تهران جي مشهور ”انقلاب اسڪوائر“ تي هزارين شهرين گڏ ٿي سپريم ليڊر آيت الله مجتبيٰ خامنائي جي حق ۾ وڏو مظاهرو ڪيو. هن مظاهري جي خاص ڳالهه عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ ۾ شرڪت هئي، جڏهن ته هڪ ٻئي مارچ ۾ مائرن پنهنجي ٻارن سان گڏ نڪري ايراني قيادت جي فيصلن تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف، يمن جي گادي واري شهر صنعا ۾ پڻ لکين ماڻهن هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي، جنهن ۾ ايران، لبنان، عراق ۽ فلسطين جي عوام جي حمايت ڪئي وئي. ريلي ۾ شريڪ ٿيلن لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ خطي ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مقامي ميڊيا مطابق، تهران ۽ صنعا ۾ نڪتل اهي ريليون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته خطي جو عوام پنهنجي قيادت ۽ مزاحمتي قوتن سان گڏ بيٺل آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته هو فلسطين ۽ لبنان جي مظلوم عوام جي حمايت جاري رکندا ۽ ڪنهن به پرڏيهي مداخلت کي قبول نه ڪيو ويندو. ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.