7 ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ سکر ۾ جرڳو، بيان رڪارڊ

سکر (رپورٽ :اظھر علي دايو/آزاد مهر/ فرمان سهتو) گهوٽڪي ضلعي اندر مختلف برادرين ۾ سالن کان هلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ سرڪٽ هائوس سکر ۾ جرڳو رکيو ويو ضلعي گهوٽڪي اندر هلندڙ خوني تڪرار گذريل ٽيهن سالن کان مختلف برادرين شر، سيلرا، سولنگي  x،ڀٽا، ڌانڌو، ڪوش، تڙت برادري سميت ٻين ۾ هلندڙ هئا جرڳي جي سرپئنچ سردار علي گوهر خان مهر ڪئي ۽ برادرين امين طور ،ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، سردار امير بخش خان ڀٽو،سردار غوث بخش مهر،سردار عالمگير خان ڪوش،سردار احمد خان سيلرو،سردار شهريار خان شر ۽ ٻين شرڪت ڪئي ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل ڌرين جي هن خوني تڪرار سبب 120 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿيا خوني تڪرار جي نبيري لاءِ مختلف برادرين جا سوين ماڻهو سرڪٽ هائوس سکر پهتا جت ٻه پنڊال لڳايا ويا هئا هڪ طرف شر ۽ ڪوش برادري جي ماڻهن کي ويهڻ جو انتظام ڪيو ويو هو ته ٻي پنڊال ۾ سيلرا، ڀٽا، ڌانڌو، سولنگي برادري جا ماڻهو ويهاريا ويا هئا ستن برادرين وچ ۾ سرچاء لاءِ مختلف ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا جڏهن ته پوليس وٽ پيش پوندڙ نالي وارا ڌاڙيل راهب شر ۽ ثناءاللہ شر سميت سنڌ حڪومت پاران انعام يافته بدنام زمانا ڌاڙيل  جيڪي ڦرون، قتل، اغوا ۽ زنا جهڙن خطرناڪ ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا جيڪي پوليس جي وڏي پروٽوڪول  هيٺ جرڳي واري هنڌ پهچي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا ستن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جي نبيري لاءِ پهرين مرحلي ۾ فتوا جاري ڪئي ويندي، ذريعن موجب سکر ۽ شڪارپور ۾ مهر جتوئي تڪرار جي نبيري لاءِ 20  ۽ 21 تاريخ تي ٽن ٻارڙن 3 واٽهڙن جي قتل سميت 55 کان وڌيڪ ماڻهن جي قتل جو جرڳو ڪيو ويندو ۽ انهن جي قتل جي کي ويندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جرڳن تي پابندي واري اهم فيصلي باوجود خوني تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڌرين کي کير کنڊ ڪرڻ لاءِ سرڪاري مهمان خاني سرڪٽ هائوس ۾ جرڳو منعقد ڪيو ويو جڏهن ته سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور جي پوليس ايس ايس پي سکر اظهر مغل جي نگراني هيٺ سيڪورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا ۽ جرڳي ۾ برادرين مٿان هٿيار کڻي اچڻ تي مڪمل پابندي مڙهي وئي هئي ۽ شرڪت هائوس ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستن تي کي سيل پڻ ڪيو ويو هو ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي.

سولنگي ۽ ڪوش برادرين ۾ جرڳي باوجود ٻيهر تڪرار ٿيو

سکر : گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ سولنگي ۽ ڪوش برادرين وچ ۾ 2023 ۾ به جرڳو ڪري  ٻنهي ڌرين ۾ سرچاءُ ڪيو ويو هو پر ان فيصلي باوجود ٻئي ڌرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تڪرار ڀڙڪي اٿيو هو ٻئي طرف سکر شڪارپور ضلعن ۾ مهر جتوئي تڪرار جا ٽي ڀيرا اڳ نبيري لاءِ جرڳا ٿي چڪا آهن پر ٻنهي ڌرين فيصلن تي عمل نه ڪيو ۽ وري وري هڪ ٻي جا ماڻهو ماريندا رهيا آهن هاڻ مهر ۽ جتوئي برادري سميت ڪوش ۽ سولنگي برادرين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر خوني تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ جرڳو رکيو ويو آهي جنهن تي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته ٿيندڙ جرڳن بعد برادرين وچ ۾ ڪا خوني وڙهاند نه ٿئي ان لاءِ سردارن کي سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

سکر جرڳي ۾ ڪيترائي ڏوهاري پوليس پروٽوڪول ۾ پهتا

سکر: قبائلي تڪرارن جي حل لاءِ جرڳو، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڪيترائي ڏوهاري به شاهي پروٽوڪول ۾ پهتا، ڪچي وارن علائقن ۾  پائيدار امن ۽ قبائلي تڪرارن جي حل لاءِ سرڪٽ هائوس سکر ۾ چار ڏينهن وارو جرڳو ٿيو، سرڪاري ذريعن موجب مختلف قبيلن جي وچ  ٺاهه ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ٿيون، آپريشن دوران هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڪيترن ئي اهم ڏوهارين کي به سرڪٽ هائوس آندو ويو، انهن ۾ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا سر جي قيمت رکندڙ ڏوهاري راحب شر ۽ ثناءُ الله شر به شامل آهن، اجلاس ۾ ڪچي علائقي جي خوني تڪرارن، زمينن تي قبضي ۽ ٻين مسئلن جي حل تي غور ڪيو پيو وڃي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان سرڪٽ هائوس اندر ۽ ٻاهر سخت سيڪيورٽي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، هي 4 ڏينهن وارو جرڳو علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي.

پڪي وارا ماڻهو اغوا ٿيندڙ کپائي ويندا هئا:رائونتي واسي واسي

سکر: جرڳي ۾ آيل جهيڙين ڌرين جي ماڻهن ۽ اغوائن جي الزامن هيٺ آيل ماڻهن چيو ته ڪچي وارا ڏوهه نه ڪندا آهيون، پڪي  وارا ماڻهو اغوا ڪري کپائي ويندا هئا، جرڳي ۾ شامل جهيڙيندڙ ڌرين جي ماڻهن جو چوڻ هو ته جهيڙا ۽ ڪيس ختم ٿين پوءِ سرڪاري نوڪريون وٺنداسين، 100 کان مٿي بيگناهه ماڻهو قتل ٿي ويا آهن، نسل ڪشي ٿي رهي آهي، ايس ايس پي ۽ ٻين اعليٰ آفيسرن جون ڪوششون بهترين آهن، هڪ نوجوان چيو ته ڪچي ۾ ڪجهه لوگها ماڻهو هئا جيڪي جهيڙن جي آڙ ۾ ڏوهي ڪارروايون ڪري رهيا هئا، هاڻ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.