وڪيلن ۽ سندن خاندانن لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي وفد قانون ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سان ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي سينيئر / وائيس چيئرمين خالد مسعود سنڌو ڪئي، جڏهن ته سيڪريٽري ملڪ زاهد اسلم ۽ چئني صوبن جا وڪيل نمائندا پڻ شريڪ هئا. بار جي وفد وڪيلن لاءِ ڪراچي ۾ اسلام آباد جي طرز تي جديد هاسٽل قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪندي سنڌ حڪومت کان مالي سهڪار جي درخواست ڪئي.قانون ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار وفد کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو ته وڪيلن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. جڏھن ته ھاسٽل جي قيام واري معاملي تي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان جي صدر سان پڻ رابطو ڪيو ويندو.مان پاڻ هڪ وڪيل آهيان ۽ وڪيلن جي مسئلن کان چڱيءَ طرح واقف آهيان، ان موقعي تي سنڌ بار ڪائونسل پاران وڪيلن ۽ سندن خاندانن لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جي درخواست پڻ پيش ڪئي وئي ۽ پنهنجي ملڪيتي پلاٽ تي منصوبي لاءِ حڪومتي مدد گهري وئي. سيڪريٽري قانون بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ان منصوبي جي فيزيبلٽي رپورٽ ۽ پي سي ون تيار ڪيا پيا وڃن، جنهن تي قانون واري وزير ڪم کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.اجلاس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو، سيڪريٽري قانون علي احمد بلوچ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل قاضي بشير، سنڌ بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين اشتياق ميمڻ، ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو چيئرمين اياز تنيو، هاءِ ڪورٽ بار جو اڳوڻو صدر سرفراز ميتلو ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.