پاڪستان، ايران سان ڀائپي وارا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو: فيلڊ مارشل

راولپنڊي/ تهران (م ڊ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پنهنجي وفد سان گڏ ايران جو ٽن ڏينهن وارو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس پهچي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، هن  اهم دوري دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پڻ فيلڊ مارشل سان گڏ هو، جتي ايراني صدر مسعود پزشڪيان، اسپيڪر، پرڏيهي وزير ۽ عسڪري قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون ويون. ملاقاتن دوران خطي ۾ پائيدار امن جي قيام، سيڪيورٽي جي بدلجندڙ صورتحال ۽ وچ اوڀر جي تڪرارن جي پرامن حل لاءِ سفارتي ڪوششن تي زور ڏنو ويو. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هي دورو خطي ۾ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو عڪاس آهي. ٻئي طرف، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان ممڪن معاهدي بابت هڪ مبهم پر اهم بيان ڏيندي چيو آهي ته ”سڀاڻي ڪو وڏو سرپرائز اچي سگهي ٿو“. تجزئي نگارن موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير جي ايران مان واپسي ۽ ٽرمپ جي هن بيان جو پاڻ ۾ گهرو واسطو ٿي سگهي ٿو، جيڪو خطي ۾ ڪنهن وڏي سفارتي ڪاميابي جو اشارو آهي. فيلڊ مارشل ايراني قيادت پاران ڪيل شاندار ميزباني تي شڪريو ادا ڪيو ۽ پاڪستان پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو. آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل ايراني قيادت تائين صدرِ پاڪستان، وزيراعظم ۽ پاڪستاني عوام پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو ۽ ايران پاران ڪيل گرمجوشي واري استقبال تي شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.