منسڪ(عوامي آواز نيوز) بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ايران جو مقابلو نه ڪري سگهيو ته ان کي چين سان به الجهڻ نه گهرجي۔روسي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا ايترو طاقتور ناهي، جيترو ان کي سمجهيو ويندو آهي،آمريڪا جا اصل مفاد تيل ۽ گئس جي وسيلن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ آهن، هن چيو ته آمريڪا پاڻ کي جمهوريت جو علمبردار سڏي ٿو، پر اتي نه حقيقي جمهوريت آهي ۽ نه ئي انساني حقن جو احترام۔مغربي ملڪن جي نام نهاد انساني حقن تي تنقيد ڪندي لوڪاشينڪو چيو ته اسرائيل جي چوڻ تي آمريڪا هزارين ڪلوميٽر پري هڪ خودمختيار ملڪ ۾ اسڪول تي بمباري ڪئي، جنهن ۾ ڪيترين ئي جانيون ضايع ٿي ويون۔