حيدرآباد ۾ به جلد پنڪ اسڪوٽيون ورهائڻ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت سکر ۾ ڪامياب شروعات کان پوءِ حيدرآباد ۾ به جلد پنڪ اسڪوٽيون ورهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو  آهي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سکر کان پوءِ هاڻي حيدرآباد جي عورتن کي به هن سهولت مان فائدو ڏنو ويندو۔ هن ٻڌايو ته عورتن کي نه صرف مفت پنڪ اسڪوٽيون فراهم ڪيون پيون وڃن پر انهن کي ڊرائيونگ لائسنس، هيلمٽ ۽ باقاعده تربيت به ڏني پئي وڃي۔هڪ بيان ۾ هن چيو ته عورتن کي بااختيار ۽ خوداعتماد بڻائڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيح آهي۔هن وڌيڪ چيو ته سکر ۽ شڪارپور کان پوءِ پيپلز بس سروس جي نيٽ ورڪ کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي، ۽ جلد ئي خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻي پور رستن تي به پيپلز بس سروس شروع ڪئي ويندي،هن چيو ته حيدرآباد ۾ ڪوھسار حيدر چوڪ ۽ حيدرآباد کان ٽنڊو الهيار رستن تي به بس سروس شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.