لنڊن(عوامي آوا زنيوز ) بحري سيڪيورٽي ماهر جينيفر پارڪر جو چوڻ آهي ته آبناءِ هرمز نه مڪمل طور بند آهي نه ئي مڪمل طور تي کليل آهي بلڪه اهو هڪ “غير يقيني حالت ۾ آهي گذريل هفتن دوران جهازن کي گذرڻ ۾ خطرو محسوس ٿيو آهي تقريباً 30 کان وڌيڪ جهازن تي حملا يا خطرا رپورٽ ٿيا آهن ،واپار معمول مطابق نٿو هلي سگهي، ڇو ته اعتماد گهٽجي ويو آهي،هن چيو ته ايران جي بيانن ۾ تضاد آهي،ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته سويلين جهازن لاءِ رستو کليل آهي پر ساڳئي وقت ايران جي پاسداران انقلاب (IRGC) طرفان ٻيهر پابندين يا سختي جا اشارا مليا جينيفر پارڪر مطابق ٻه امڪان ٿي سگهن ٿا ايران ڄاڻي واڻي صورتحال کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن جهاز نه اچن وڃن يا ايران جي سياسي قيادت ۽ فوجي ادارن (IRGC) جي وچ ۾ هم آهنگي ناهي مسئلو صرف “بند يا کليل” ناهي
اصل مسئلو اعتماد جي کوٽ آهي جيستائين سيڪيورٽي يقيني نه ٿيندي، عام واپار بحال نه ٿيندو هن چيو ته دنيا اڃا به آبناءِهرمز ۾ اعتماد بحال ڪرڻ کان گهڻو پري آهي رستو مڪمل محفوظ ناهي خطري جو ماحول اڃا موجود آهي ۽ مڪمل استحڪام لاءِ گهڻو ڪم ڪرڻو پوندو