ڪاڪول (م ڊ) پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ دوران ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو خطاب ڪيو، هن چيو ته گذريل سال مئي ۾ آپريشن ”بنيان المرصوص“ دوران دشمن پاڪستان جي طاقت ۽ صلاحيت ڏسي حيران رهجي ويو، ايئر چيف مارشل موجب عالمي امن لاءِ سياسي ۽ فوجي قيادت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، خاص طور تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو، هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هر قسم جي تڪرار جو حل ڳالهين ذريعي چاهي ٿو، معرڪه حق ۽ ۽ ”بنيان المرصوص“ ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي سڀني ڏٺي، پاڪ فضائيه نه صرف دشمن جا جهاز ڪيرايا پر تاريخ رقم ڪئي، مئي ۾ دشمن پاڪستان جي صلاحيت ۽ مهارت ڏسي دنگ رهجي ويو.
مصطفيٰ ڪمال پاران ايم ڪيو ايم انٽرا پارٽي چونڊن کان اڻ ڄاڻائي ظاهر
ڪراچي (رپورٽر) صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم پاڪستان جي انٽرا پارٽي چونڊن جي حوالي سان انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هو انهن چونڊن کان مڪمل طور تي اڻ ڄاڻ هو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن ميڊيا ذريعي کيس ان عمل جي خبر نه پوي ها ته پارٽي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي جو خدشو هو. مصطفيٰ ڪمال اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران ايم ڪيو ايم کي آڪٽوبر تائين چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڏنل مهلت جي آجيان ڪندي چيو ته هاڻي اسان وٽ وقت آهي ته پارٽي اندر حقيقي جمهوري روايتن کي هٿي ڏيون. هن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ ڀرپور تياري ڪن ته جيئن پارٽي قيادت جو فيصلو شفاف طريقي سان ٿي سگهي.
ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلا پيمائش مرڪز موجب زلزلي جي شدت 3.4 رڪارڊ ڪئي وئي، مرڪز جي رپورٽ موجب زلزلي جو مرڪز ڪراچي جي علائقي ملير کان 24 ڪلوميٽر اتر-اولهه طرف هو، زلزلي جي گهرائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، شروعاتي رپورٽن موجب زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جو اطلاع نه مليو.