ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي يونيورسٽين ۽ بورڊز واري وزير محمد اسماعيل راهو ڪورنگي ڪراسنگ ۾ قائم امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو، جتي وڏي پيماني تي بي قاعدگيون سامهون آيون. ڪارروائي دوران 6 کان وڌيڪ غير لاڳاپيل ماڻهن کي پوليس حوالي ڪيو ويو جڏهن ته ڪلاس رومز مان 10 کان وڌيڪ موبائل فون هٿ ڪيا ويا.صوبائي وزير گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول هاجره آباد ۽ "دي اسڪالر اسڪول” ڪراچي جي امتحاني مرڪزن جو سرپرائز وزٽ ڪيو. دوري دوران هاجره آباد، ڀٽائي آباد جي امتحاني مرڪز ۾ منظم نموني شاگردن کي نقل ڪرائڻ جو معاملو سامهون آيو، جنهن تي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.محمد اسماعيل راهو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪارروائي دوران نقل ڪرائڻ ۾ ملوث 6 کان وڌيڪ غير لاڳاپيل ماڻهن کي گرفتار ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير پاڻ ڪلاس رومز ۾ وڃي شاگردن کان نقل جو مواد ۽ 10 کان وڌيڪ موبائل فون به هٿ ڪيا. محمد اسماعيل راهو هدايت ڪئي ته گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول هاجره آباد ڪورنگي ڪراسنگ جي امتحاني مرڪز جو عملو فوري طور تبديل ڪيو وڃي، جڏهن ته سينٽر سپرنٽينڊنٽ جي برطرفي لاءِ تعليم واري وزير کي درخواست ڪئي وئي آهي. هن سپرنٽينڊنٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار پڻ ڪيو.صوبائي وزير "دي اسڪالر اسڪول” جي امتحاني مرڪز کي به منسوخ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ڇاڪاڻ ته اتي گنجائش کان وڌيڪ شاگردياڻيون امتحان ڏئي رهيون هيون.محمد اسماعيل راهو چيو ته نقل ڪندڙ شاگردن ۽ کين سهولت فراهم ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي ۽ جنهن به امتحاني مرڪز جي آفيسرن خلاف شڪايتون ملنديون، انهن کي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو. ٻئي طرف سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه، بورڊز اينڊ يونيورسٽيز واري وزير محمد اسماعيل راهو جي سفارش تي ڀٽائي آباد ڪورنگي ڪراسنگ جي هاجره آباد گورنمينٽ اسڪول جي عملي خلاف فوري ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.