ڪراچي (رپورٽر) توانائي بحران، بجلي ۽ گئس مهانگي، ايڪسپورٽ گهٽ، صنعتون بند، ڪاروباري طبقو پريشانين ۾ وٺجي ويو، فيڊريشن هائوس ۾ صدر اڪرام راڄپوت، يو بي جي اڳواڻ ايس ايم تنوير ۽ ٻين عهديدارن پريس ڪانفرنس ڪندي صنعتن کي درپيش مسئلن تي تفصيلي روشني وڌي، واپارين جو چوڻ آهي ته مهانگي توانائي سبب صنعتن لاءِ مقابلو ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جنهن جو سڌو اثر ايڪسپورٽ تي پيو آهي، نائب صدر آصف سخي چيو ته حڪومت عالمي سطح تي امن لاءِ ڪردار ادا ڪيو، پر ملڪ اندر صنعتون ايل اين جي بحران کي منهن ڏئي رهيون آهن، نائب صدر امان پراچا چيو ته هڪ پاسي بجلي جي اضافي پيداوار جي دعويٰ ڪئي وڃي ٿي پر ٻئي پاسي لوڊشيڊنگ جاري آهي، گذريل 20 سالن ۾ بجلي ۽ گئس جا ٽيرف 20 ڀيرا وڌي چڪا آهن، جنهن سبب صنعتن لاءِ علائقائي سطح تي مقابلو مشڪل ٿي ويو آهي، ريٽيل چين ايسوسيئيشن جي صدر اسفنديار مطالبو ڪيو ته دڪانن جو وقت رات 10 وڳي تائين ڪيو وڃي، جيئن ٻين ملڪن وانگر ڪاروبار وڌي سگهي، موجوده ٽائيمنگ سبب ٽيڪس وصولي به متاثر ٿي رهي آهي، ريحان جاويد ٻڌايو ته ملڪ ۾ 41 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي پر صنعتون رڳو 3 هزار ميگاواٽ استعمال ڪري رهيون آهن، يو بي جي صدر زبير طفيل دڪانن جا ٽائيم وڌائڻ ۽ بلوچستان جي گيس ذخائر استعمال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته گوادر ۾ ترقي رڪجي وئي آهي، ڪيترين صنعتن بند ٿي ويون آهن ۽ وڏي آبادي غربت هيٺ زندگي گذاري رهي آهي، ايس ايم تنوير چيو ته 30 اپريل تي شيڊو بجيٽ ۽ 5 سالن جو معاشي پلان پيش ڪيو ويندو، هن چيو ته گذريل سال ايڪسپورٽ 33 ارب ڊالر رهي، جڏهن ته هن سال 37 ارب ڊالر جو هدف رکيو ويو، پر امڪان آهي ته ايڪسپورٽ 30 ارب ڊالر تائين محدود رهندي، ملڪ ۾ بجلي جي وڏي پيداوار باوجود صنعتن جي بندش سبب استعمال گهٽجي ويو آهي، سستي متبادل بجلي جي وڏي گنجائش موجود هجڻ باوجود ان جو مڪمل فائدو حاصل نه پيو ڪيو وڃي، ڏکڻ علائقن ۾ پيدا ٿيندڙ سستي بجلي اتر تائين منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسميشن لائن نه هجڻ سبب هزارين ميگاواٽ بجلي ضايع ٿي رهي آهي، واپارين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته صنعتن کي رليف ڏئي معيشت کي مستحڪم ڪيو وڃي.