خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻُٽو چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري روبينا عرف خالده چانڊيو وارو معاملو گذريل رات پوليس پاران ناري روبينا چانڊيو جو جرڳو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل وڏيرو نبن چانڊيو ٺري ميرواھ جي عدالت ۾ پيش، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان ٽنڊومستي پوليس وڏيري نبن چانڊيو کي رمانڊ لاءِ ٺري ميرواھ جي سيڪنڊ سول جج اعجاز علي جروار جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتان عدالت پاران وڏيرو نبن چانڊيو کي 2 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو ويو، پوليس پاران ناري جي قتل جي داخل ڪيل مُک ايف آءِ آر ۾ وڏيري نبن چانڊيو جو سيڪشن 109 تحت نالو شامل ڪيو ويو.