آبناءِ هرمز جي بندش کان پوءِ ٻيهر غيريقيني صورتحال:ٽرمپ جون ايران کي ڌمڪيون

تهران/ واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا پاران ايراني بندرگاهن جي مسلسل ناڪابندي جي جواب ۾ ايران آبناءِ هرمز کي هڪ ڀيرو ٻيهر  مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا ۽ عالمي خابرو ادارن موجب، ڇنڇر جي ڏينهن هن اهم عالمي گذرگاهه مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ گهٽ ۾ گهٽ ٻن واپاري جهازن تي فائرنگ جون رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن، جنهن بعد علائقي ۾ ڳڻتي جوڳي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.  ايران جي سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنائي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي سامونڊي فوج دشمنن کي نئين ۽ سخت شڪست ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي. هن چيو ته ايراني فوج ٻين هٿياربند فوجن جي ساٿين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ٻن وڏين فوجن سان وڙهندي سندن ڪمزوري ۽ ذلت کي دنيا آڏو وائکو ڪري ڇڏيو آهي. مجتبيٰ خامنائي وڌيڪ چيو ته جيئن ايراني ڊرونز بجلي وانگر آمريڪي ۽ صهيونيتي حملو ڪندڙن کي نشانو بڻائيندا آهن، تيئن سامونڊي فوج به دشمن کي سخت جواب ڏيڻ لاءِ الرٽ آهي. ٻئي طرف، ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زادا ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو. هن چيو ته آمريڪا پاران ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي غير قانوني آهي ۽ ايران پاران ڪيو ويندڙ دفاع رڳو پنهنجي لاءِ نه پر سڄي خطي جي سلامتي لاءِ آهي. سعيد خطيب زادا ٽرمپ جي ان بيان تي حيرت جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اربع تائين معاهدو نه ٿيو ته فوجي ڪارروائي ڪئي ويندي. ايراني نائب پرڏيهي وزير چيو ته ٽرمپ هڪ ئي بيان ۾ ٻه متضاد ڳالهيون ڪري رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته ايران پنهنجي دفاع تان هٿ نه کڻندو ۽ جيستائين آخري ايراني فوجي جيئرو آهي، پنهنجي زمين، سمنڊ ۽ جهنڊي جو تحفظ جاري رکندو. هن آمريڪا کي صلاح ڏني ته جنگ جا نتيجا ڪڏهن به هاڪاري ناهن هوندا، ان ڪري کين هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي. ايراني فوج جي گڏيل ڪمانڊ ”خاتم الانبياءِ سينٽرل هيڊڪوارٽر“ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران نيڪ نيتيءَ تحت ڪجهه جهازن کي گذرڻ جي اجازت ڏني هئي، پر آمريڪا ان کي ايران جي ڪمزوري سمجھندي بحري قزاقي ۽ ناڪابندي جاري رکي آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هاڻي صورتحال ٻيهر جنگ واري ٿي وئي آهي ۽ آبناءِ هرمز جو مڪمل انتظام ايراني هٿياربند فوج جي سخت نگراني هيٺ آهي. ٻئي طرف، آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته آمريڪي سامونڊي فوج ايراني ساحلن ۽ بندرگاهن جي ناڪابندي جاري رکندي. ان صورتحال تي ايراني پارليامينٽ جي نيشنل سيڪيورٽي ڪميشن جي سربراهه ابراهيم عزيزي طنز ڪندي چيو آهي ته اسان اڳ ئي خبردار ڪيو هو، پر اوهان نظرانداز ڪيو، هاڻي آبناءِ هرمز جي بندش جو مزو وٺو. ابراهيم عزيزي وڌيڪ چيو ته آبناءِ هرمز ۾ سخت قانونن کي ٻيهر لاڳو ڪرڻ جو فيصلو آمريڪا جي واعدا ٽوڙڻ سبب ڪيو ويو آهي. هن آمريڪي صدر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ حقيقت پسندي بدران خيالي ڳالهين کي ترجيح ڏئي رهيو آهي، جنهن سان خطي ۾ امن کي نقصان پهچي رهيو آهي. تجزئي نگارن جو خيال آهي ته آبناءِ هرمز جي هن بندش سان عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ وڏي واڌ ۽ عالمي واپار کي سخت نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.  ايراني پارليامينٽ جي ميمبر اسماعيل ڪوثري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا پاران بحري ناڪابندي جو اعلان حقيقت کان وڌيڪ سياسي بليڪ ميلنگ آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ايران آبناءِ هرمز يا احمر سمنڊ کي بند ڪري ڇڏيو ته آمريڪا پاڻ توانائي جي بحران ۽ ناڪابندي جو شڪار ٿي ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ جا مشير حقيقتن کان بي خبر آهن. ٻئي طرف، ايراني بري فوج جي سربراهه برگيڊيئر جنرل علي جهانشاهي هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته دشمن کي ايران تي زميني حملي جو خيال پنهنجي دل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته ايراني سرحد تي حملي جي ڪوشش دشمن لاءِ عبرتناڪ شڪست جو سبب بڻجندي.

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران پاران آبناءِ هرمز کي ٻيهر بند ڪرڻ جي ڪوششن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي  چيو آهي ته ايران آمريڪا کي بليڪ ميل نٿو ڪري سگهي. اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته جيتوڻيڪ ايران سان ڳالهين جو عمل هاڪاري انداز ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، پر آمريڪا پنهنجي قومي سلامتي ۽ عالمي واپاري رستن تي ڪابه سوديبازي نه ڪندو. صدر ٽرمپ قاسم سليماني جو ذڪر ڪندي چيو ته هو ڪيترن ئي آمريڪي فوجين جي موتن ۽ معذوري جو ذميوار هو، جنهن ڪري کيس نشانو بڻايو ويو. هن وڌيڪ چيو ته ايران بابت ڪجهه انتهائي اهم معلومات جاري ڪئي ويندي، جنهن سان صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي.  ٻئي طرف، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي اتحادي ملڪ اسپين تي پڻ سخت تنقيد ڪئي. هن چيو ته اسپين جي معيشت ڪمزور ٿي وئي آهي ۽ هو نيٽو جي دفاعي بجيٽ ۾ پنهنجو گهربل حصو (جي ڊي پي جو 5 سيڪڙو) نٿو وجهي. ٽرمپ چيو ته اسان کي پنهنجي ڪارروائين لاءِ اسپين جي اجازت جي ضرورت ناهي، اسان جڏهن چاهيون سندن فوجي اڏا استعمال ڪري سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.