هالا (رپورٽ: پرويز علي ملاح) هالا ۾ غريت تي نالي تي قتل ڪيل شمائلا چانڊيو قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، ڳوٺ نبي بخش چانڊيو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ 17 سالن جي ناري شمائلا چانڊيو کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو، هالا پوليس ڳوٺ ننگر چانڊيو ۾ ڇاپو هڻي ڪيس جي ٽن مان ٻن مک جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ راشد چانڊيو ۽ واجد چانڊيو شامل آهن، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ ملوث ٽئين جوابدار جي گرفتاري لاءِ پڻ ڇاپا هنيا پيا وڃن، ٻئي پاسي گرفتار جوابدارن مان هڪ جوابدار ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، هن چيو ته حيدر چانڊيو ڇوڪري کڻائي وري پاڻ واپس ڪرائي، ڪير ٿو چوي ته ڇوڪري امانت طور ملي هئي، خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي گرفتار جوابدار راشد چيو ته حيدر چانڊيو چيو ته ڇوڪري پهچائڻ ڪم منهنجو آهي، قتل ڪرڻ ڪم اوهان جو آهي، ڪاري آهي سڀني کي خبر آهي واپس ايندي آهي ته منهنجي مٽن مائٽن ۾ ويندي آهي، ڇو اسان کي ڏني وئي، ڇاجي ڪري ڏني وئي، انهن سوالن جو جواب حيدر چانڊيو کان پڇو، صحافي جي سوال تي هن چيو ته پڇتاءُ ناهي، بس ڌڪ هڻي شمائلا کي قتل ڪيو، ڪهاڙي جا ڌڪ هڻي ان کي قتل ڪيو، غيرت نياڻي تي آئي ته ڪارو به ته حيدر آهي، حيدر سڀ ڪجهه ڪيو آهي هن اسان جو ڪارو لڪايو، صحافي جو سوال ته ڪاري اوهان ماري ڪارو ڪيڏانهن ويو، اوهان کي شرم نٿو اچي، جوابدار چيو ته نياڻي نياڻي هن غلط قدم کنيو ته ان کي قتل ڪيو، ڪارو به ملي ويندو. حيدر نياڻي کي قتل ڪرايو آهي، حيدر به اسان سان گڏ گرفتار ٿيڻ گهرجي.