ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ بس اسٽاپ تان ملندڙ 13 ورهين جي نياڻي سان زيادتي جو انڪشاف، متاثر ٻارڙي ۽ ڀيڻ ايڌي سينٽر منتقل، بوٽ بيسن جي علائقي شيرين جناح ڪالوني مان ملندڙ ٻن لاوارث نياڻين مان هڪ 13 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو، جنهن بعد ٻنهي نياڻين کي ايڌي فائونڊيشن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ٻئي نياڻيون بس اسٽاپ وٽ لاوارث حالت ۾ مليون هيون، جن کي شروعاتي طور پوليس اسٽيشن منتقل ڪري معلومات ورتي وئي، متاثر ٻارڙي شروعات ۾ صرف طبيعت خراب هجڻ جو ٻڌايو هو ۽ زيادتي بابت ڪجهه نه چيو، ايڌي سينٽر ۾ طبيعت وڌيڪ خراب ٿيڻ تي ٻارڙي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زيادتي جو انڪشاف ڪيو، ليڊي ڊاڪٽر جي مدد سان ٻارڙي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪيو ويو، جنهن دوران زيادتي جي تصديق ٿي، ٻنهي نياڻين بيان ڏنو ته اهي صادق آباد کان پنهنجي هڪ عورت سان گڏ ڪراچي آيون هيون، پر هڪ عورت کين ڇڏي هلي وئي ۽ انهن کي سندس رهائش بابت ڪا ڄاڻ ناهي، جڏهن ته آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺي ايس ايس پي ڏکڻ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.